قرآن پاڪ انسان ذات جي خدا طرفان هدايت لاءِ هڪ ڪتاب آهي، قرآن مجيد جو لفظ لفظ سچ آهي. ڀلا ٿوري تعليم، تجربن، مشاهدن ۽ ذهني صلاحيتن جي آڌار تي عقلمند ماڻهن جا فرمان ۽ مشورا ماڻهن جي زندگي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا آهن ته علم ۽ عقل جي تخليقڪار جون هدايتون انسان جي لاءِ ڪيتريون فائديمند هونديون سوچڻ وارا اندازو لڳائي سگهن ٿا.
قرآن پاڪ جي هڪ سورت الرحمٰن ۾ خدا تعاليٰ مختلف شين جي نشاندهي ڪرائيندي انسان ذات سان هر هر مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته: توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙي ڪهڙي نعمتن جو انڪار ڪندا؟…
يقينن خدا تعاليٰ طرفان ڏنل نعمتن جو نه ڳڻاٺو ڪري سگهجي ٿو، نه ئي ڪنهن هڪ نعمت جا ٿورا لاهي سگهجن ٿا. ڪائنات ۾ موجود انسان ذات جي لاءِ شين کي ڇڏي، جسم جي بناوت کي ڇڏي، جسم جي اندرين ۽ ٻاهرين عضون کي ڇڏي، جيڪڏهن ماڻهو رڳو ساهه کڻڻ کي ئي نوٽ ڪري جيڪڏهن اهو ساهه هٿرادو طريقي سان کڻجي ته هڪ ماڻهو روز جي بنيادن تي لکين رپيا خرچ ڪري به گهمندي ڦرندي، سمهندي سولائي سان ساهه کڻڻ جو عمل سرانجام نٿو ڏئي سگهي.
بهرحال عوامي آواز جتي عوام ۽ پنهنجي پرستارن کي زندگي سان سلهاڙيل مختلف شعبن بابت ڄاڻ ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿي اتي ئي اسان صحت جي حوالي سان به قدرتي ٻوٽن، وڻن، ميون ۽ ٻين شين جي فائدن بابت ٻڌائيندا آهيون جن مان يقينن پڙهندڙن کي فائدو پهچندو آهي.
اهو اوهان پڙهندڙن جو پيار ئي آهي جيڪو اسان جي حوصلاافزائي ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم بڻائي ٿو.
پنهنجي روايت کي برقرار رکندي اسان هر روز ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انسان جي صحت جي احتياط، فائدن ۽ نقصانن جي نشاندهي ڪندا آهيون، جڏهن ته باقي ذمو عمل ڪندڙن تي هوندو آهي ته اهي ڪهڙي ريت ان مان فائدو ماڻن ٿا.
اڄ اسان جنهن ميوي يا ٻوٽي جي فائدن جي ڳالهه ڪنداسين اهو يقينن ڏٺو ۽ کاڌو ته سڀ ڪنهن هوندو پر ان جي فائدن جي شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي. اڄوڪو هي آرٽيڪل هر روز جي آرٽيڪل جيان اوهان خاص ڪري عورتن لاءِ تمام ڪارائتو ثابت ٿيندو.
قدرت هر شيءِ ۾ ڪو نه ڪو راز رکيو آهي پر اهو هر ماڻهو کان لڪل آهي جڏهن ان جي فائدن بابت خبر پئي ٿي ته يقينن دنگ ٿي وڃون ٿا.
پٻڻ جي ٽڪين جي باري ۾ ته توهان ٻڌو هوندو؟ اهو ميويدار گُل ڪنول جي ٻوٽي ۾ ٿيندو آهي، جڏهن اهو گُل خشڪ ٿي وکري ويندو آهي ته ان جي هيٺان هڪ ٿڌو ٺهندو آهي جنهن کي ڪنول جو ٿڏو به چيو ويندو آهي. ان گُل جي مٿان واري کَل چوڌاري لاهجي ته ترتيبوار موتين جيان انهن ۾ ميون جا بادام جهڙا داڻا يا گورا پيل هوندا آهن جيڪي وري ڇِلي ۽ کاڌا ويندا آهن.
اها گورا قدرتي طور تي تيار ٿيندڙ انتهائي طاقتور سوغات آهن، سانوڻ جي شروعات ٿيندي ئي پٻڻ جون ٽڪيون مارڪيٽ ۾، مختلف روڊن جي ڪنارن تي کپڻ لاءِ اچي وينديون آهن.
پٻڻ جي ٽڪين جا فائدا
پٻڻ جون ٽڪيون کائڻ عورتن جي لاءِ انتهائي فائديمند هونديون آهن خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏهن اهي ڪنهن قسم جي تڪليف جهڙوڪ ليڪيوريا وغيره ۾ مبتلا هجن.
پٻڻ جون ٽڪيون پيٽ کي صاف به ڪنديون آهن ۽ اهي چرٻي ۽ ٻيو ڪو به اهڙو سبب به ناهن بڻيون جنهن سان توهان جو پيٽ وڌي سگهي.
اڄڪلهه جي دور ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا جن کي ننڊ نه ايندي هوندي، پٻڻن ۾ قدرتي طور ننڊ اچڻ جي لاءِ شفا رکيل آهي اهو ئي سبب آهي ته انهن کي دماغي سڪون ڏيندڙ ڪيترين ئي دوائن ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي. هاڻي ننڊ نه اچڻ جو شڪار ماڻهو ڪا دوا کائن انکان بهتر ناهي ته اهي پٻڻ جون ٽڪيون کائن؟
اهي ماڻهو جيڪي ڊپريشن، پريشاني ۽ گهٻراهٽ جو شڪار هجن اهي پٻڻن کي شامل ڪن ته انهن کي وڏو فائدو ملندو. پٻڻ جون ٽڪيون ڊپريشن جو علاج ڪنديون آهن.
انگريزي دوائن سان گڏ اسان جي سماج ۾ حڪمت جو علاج به موجود آهي پٻڻن کي ڪيترن ئي حڪيمي علاج ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي وڏي ڳالهه اها ته مرگهي جي علاج لاءِ ٺهندڙ دوائن ۾ به پٻڻن جو استعمال ٿيندو آهي.
ڪنول جي ٻوٽي کي گپ جي سونهن چيو ويندو آهي، پر ان جي ٻج ۾ لڪل نعمتن کي ڄاڻي انکي رڳو سهڻي هجڻ جو خطاب ڏيڻ ان سان ناانصافي ليکبي ڇو ته سهڻي هجڻ سان گڏ اهو تمام گهڻي فائدن وارو پڻ آهي.