نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت تاجڪستان ۾ پنهنجي فوجي اڏي عيني ايئربيس مان مڪمل طور تي نڪري ويو آهي، جنهن کي وچ ايشيا ۾ ڀارت جي اسٽريٽجڪ حڪمت عمليءَ جو اهم مرڪز سمجھيو ويندو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل ٻطرفي معاهدي جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ کنيو ويو.
اختيارين موجب، ڀارت 2022 ۾ ئي عيني ايئربيس خالي ڪري ڇڏيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت عيني ايئربيس تي رن وي کي بهتر بڻايو، ٻارڻ جا ذخيرا ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم اَپ گريڊ ڪيا ۽ هڪ موقعي تي اتي ڀارتي هوائي فوج جا Su-30MKI جنگي جهاز ۽ هيليڪاپٽر به مقرر هئا.
هن هوائي اڏي کي آخري ڀيرو 2021ع ۾ افغانستان مان ڀارتي شهرين جي نيڪاليءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب عيني ايئربيس مان نيڪالي بعد ڀارت جو واحد پرڏيهي فوجي اڏو ختم ٿي ويو آهي.
ڀارتي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس عيني ايئربيس مان ڀارت جي نيڪالي کي ڀارت اسٽريٽيجڪ سفارتڪاري لاءِ هڪ ٻيو ڌچڪو قرار ڏنو آهي.
ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري جيرام رميش پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ” عيني ايئربيس جي غيرمعمولي جاگرافيائي سبب ڀارت لاءِ اتي پنهنجي موجودگي وڌائڻ جا وڏا منصوبا هئا، پر ڀارت کي پنهنجي موجودگي گهٽائڻ لاءِ چيو ويو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” اهو واضح طور تي اسان جي اسٽريٽجڪ سفارتڪاري لاءِ هڪ ٻيو وڏو نقصان آهي.“
You might also like