فيصل آباد ۾ 17 ورهين بعد عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي، شاهينَ سڀاڻي پهرين ون ڊي ۾ پروٽيز سان مهاڏو اٽڪائيندا

فيصل آباد( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، سيريز کان اڳ ٻنهي ٽيم جي ڪپتانن شاهين آفريدي ۽ ميٿيو بريٽزڪي ون ڊي سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي.
فيصل آباد ۾ 17 ورهين بعد عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي رهي آهي، جتي اقبال اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ون ڊي پاڪستاني وقت موجب سڀاڻي منجهند 3 وڳي شروع ٿيندي.
ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم فيصل آباد ۾ سخت پريڪٽس ڪئي، جنهن دوران بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جون ڀرپور مشقون ڪيون ويون.
ون ڊي سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين شاهه آفريدي چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني اعزاز جي ڳالهه آهي، نئين ذميواري کي ڀرپور نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ فرنٽ تان ٽيم جي اڳواڻي ڪندس.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ميٿيو بريٽزڪي چيو ته اسان کي فيصل آباد جي ڪنڊيشنز جو ايترو تجربو ناهي، ڇو ته هتي گهڻي ڪرڪيٽ نه ٿي آهي، پر اسان جلد کان جلد حالتن سان هم آهنگي پيدا ڪري وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.