ڪپتاني ڏيڻ يا کسڻ پي سي بي جي هٿ وس آهي، ٽيم کي فرنٽ تان ليڊ ڪندس: شاهين آفريدي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ون ڊي ٽيم جي نئين ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته ڪپتاني ڏيڻ يا هٽائڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو معاملو آهي، اسان جو ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، سيريز کان اڳ ٻنهي ٽيم جي ڪپتانن شاهين آفريدي ۽ ميٿيو بريٽزڪي ون ڊي سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ون ڊي پاڪستاني وقت موجب سڀاڻي منجهند 3 وڳي شروع ٿيندي.
ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم فيصل آباد ۾ سخت پريڪٽس ڪئي، جنهن دوران بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جون ڀرپور مشقون ڪيون ويون.
ون ڊي سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين شاهه آفريدي چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني اعزاز جي ڳالهه آهي، نئين ذميواري کي ڀرپور نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ فرنٽ تان ٽيم جي اڳواڻي ڪندس.
هن چيو ته فيصل آباد ۾ 17 ورهين بعد عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي رهي آهي، سڀ رانديگر پرجوش ۽ پراميد آهن، اسان جو مقابلو هڪ سٺي ٽيم سان آهي، ڏکڻ آفريڪا بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي، پر اسان به ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ رانديگر سٺي فارم ۾ آهن.
ڪپتاني بابت سوال تي شاهين شاهه آفريدي چيو ته مون کي پهرين ڪپتان بڻائي ويو ۽ پوءِ هٽايو ويو يا هاڻي وري قيادت جي ذميواري سونپي وئي، اهو پي سي بي جو معاملو آهي، اسان جو ڪم رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي.
هن چيو ته فيصل آباد ۾ چيمپيئنز ڪپ جو تجربو سٺو رهيو، پر هاڻي ڪنڊيشن بهتر آهي ۽ شام جو بال آلو ٿئي ٿو، ان حساب سان فيصلا ڪنداسين.
بابر اعظم بابت سوال تي شاهين شاهه آفريدي چيو ته بابر اعظم جي فارم ۾ واپس اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، هن جو فارم ۾ اچڻ پاڪستان لاءِ ضروري هو، هو وڏو پليئر آهي ۽ ڊگهي عرصي کان پاڪستان لاءِ رنسن جا انبار لڳائي چڪو آهي.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ميٿيو بريٽزڪي چيو ته اسان کي فيصل آباد جي ڪنڊيشنز جو ايترو تجربو ناهي، ڇو ته هتي گهڻي ڪرڪيٽ نه ٿي آهي، پر اسان جلد کان جلد حالتن سان هم آهنگي پيدا ڪري وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.