پشاور (ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه الجهايو وڃي، فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي، غزا ۾ امن فوج موڪلڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي.
پشاور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران آءِ ايس پي آر جي سربراهه واضح ڪيو ته ”بس گهڻو ٿيو! افغانستان سرحد پار دهشتگردي ختم ڪري، اسان افغان طالبان کان سيڪيورٽي جي خيرات نه گهرنداسين.“
سندس چوڻ هو ته طاقت جي ٻَل تي امن قائم ڪنداسين، افغانستان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري يا اسان جي حوالي ڪري، افغانستان ۾ عوامي حڪومت ناهي ۽ اسان اتي عوامي حڪومت جا حامي آهيون.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته افغانستان عالمي دهشتگردي جو مرڪز آهي، اتي هر قسم جي دهشتگرد تنظيم موجود آهي ۽ افغانستان دهشتگردي پيدا ڪري پاڙيسري ملڪن ۾ ڦهلائي رهيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سان رياستي ۽ سرڪاري تعلق رهندو، جڏهن ته ڪور ڪمانڊر پشاور به رياستي ۽ سرڪاري سطح تي ملاقات ڪئي، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جو فيصلو تصوراتي آهي، اهو فيصلو فوج نه پر حڪومت ڪندي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج سياست ۾ الجهڻ نٿي چاهي، ان کي سياست کان پري رکيو وڃي، اسان سياست نٿا ڪرڻ چاهيون، جيڪڏهن ڪو اسان کي ان ۾ گهيلي ٿو ته اها سندن حڪمت عملي آهي، جڏهن ته غزا ۾ امن فوج موڪلڻ جو فيصلو حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪندي.
هن چيو ته خيبر ضلعي ۾ سياسي، ڏوهاري ۽ ڊرگ مافيا جو ڳٺ جوڙ آهي، ۽ خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردي لاءِ ڊرگ جو پئسو استعمال ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تيراهه ۾ دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿيا.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ملڪ ۾ 2025 دوران 62 هزار کان وڌيڪ آپريشنز ڪيا ويا، جن دوران 1667 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته دهشتگرد حملن ۾ 206 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي مقابلن ۾ 206 افغان طالبان ۽ 100 فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت سمنڊ ۾ ۽ فالز فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، پر اسان الرٽ آهيون، ڀارت کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري، جيڪڏهن ٻيهر حملو ڪيو ته ان کي پهريان کان سخت جواب ڏينداسين.
اسان جو سياست سان ڪجهه نه وڃي، غزا ۾ امن فوج موڪلڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
You might also like