اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ۾ شرمناڪ ڪاڪردگي تي هيڊ ڪوچ محمد وسيم کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو .
آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي سبب پاڪستان وومينز ٽيم جي هيڊ ڪوچ محمد وسيم کي عهد تان برطرف ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، وومينز ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نئين هيڊ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، پي سي بي پرعزم آهي ته وومين ڪرڪيٽ کي هر حال ۾ مضبوط بڻايو ويندو.
ياد رهي ته محمد وسيم کي 2024ع ۾ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو ۽ کيس مڪمل اختيار پڻ ڏنا ويا هئا.
آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2025ع ۾ پاڪستان ٽيم ڪا به ميچ نه کٽي سگهي، گرين شرٽس کي 4 ميچن ۾ شڪست ملي، جڏهن ته ٽي ميچون برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿيون.
آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ۾ پاڪستان پنهنجون هڙئي ميچون ڪولمبو جي آر پريما داسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيون، جتي ٽيم کي روايتي مخالف ڀارت، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش هٿان بدترين ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
Prev Post
You might also like