اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ هفتي دوران ملڪ جي اترين علائقن ۾ تيز هوائون، برفباري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ 4 نومبر کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 5 نومبر تائين جاري رهندو.
موسميات کاتي موجب، اڄ رات کان اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ جي اترين حصن ۾ داخل ٿيندو، جيڪو برسات، تيز هوائن ۽ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برفباري جو سبب بڻجندو.
چار کان پنج نومبر دوران چترال، دير، سوات، ڪوهستان، ايبٽ آباد ۽ هري پور ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته صوابي، پشاور، مردان، ڪوهاٽ، ڪشمير ۽ مظفرآباد ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ اسلام آباد، راولپنڊي، مري، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، جهلم ۽ سرگوڌا ۾ به ڪڪر وسندا.
خوشاب، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، ناروال ۽ لاهور ۾ به گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن دوران گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽اسموگ ۽ ڪوهيڙي ۾ به ڪمي جو امڪان آهي.