ابوظهبي( ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ پرچم ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊي جي عزت ۽ حرمت لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
يو اي اي اختيارين طرفان جاري ڪيل تنبيهه نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اماراتي پرچم جي توهين تي 25 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته پرچم جي غلط استعمال تي 5 لک درهم تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.
اختيارين موجب. اماراتي پرچم جي غلط استعمال تي 3 ڪروڙ 78 لک پاڪستاني رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو، جڏهن ته پرچم جي ڊيزائن ڪيڪ يا ڦوڪڻن تي نقش ڪرڻ توهين جي زمري ۾ ايندو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته چوڻ آهي ته اماراتي پرچم جو اشتهارن يا تجارتي مقصدن لاءِ استعمال پڻ غيرقانوني آهي.
Next Post
You might also like