ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، اڄ في تولو سون 1300 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 23 هزار 862 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون جو اگهه به 1115 رپيا جي واڌ سان 3 لک 63 هزار 393 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 13 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 4015 ڊالرز تي پهچي وئي آهي.
You might also like