سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جون تياريون،ٿر کي نئون صوبو بڻائڻ جي تجويز؟

اسلام آباد(ذوالفقار گراماڻي)27هين ترميم ۾ نون صوبن جي قيام، 18هين ترميم جي رول بيڪ،اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي لاءِ 27هين ترميم جو پڙاڏو هلي رهيو آهي،وفاقي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر 27هين ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن،ان حوالي سان بلاول ڀٽو مولانافضل الرحمان سان ملاقات ڪري چڪو آهي،وزيراعظم سان پ پ جي لڳاتار ملاقاتن جو سلسلو به نظر اچي رهيو آهي،صدرزرداري سان به شهبازشريف ملاقاتون ڪري رهيو آهي،وزيراعظم شهبازشريف،نوازشريف سان به ون ٽو ون ملاقات ڪئي آهي،سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي،جيتوڻيڪ اهي تجويزون ڪنهن حتمي ڊرافٽ جي صورت ۾ سامهون نه اچي سگهيون آهن،ٿر کي نئون صوبو بڻائي ان جي گادي وارو هنڌ مٺي کي بڻائڻ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ملائي الڳ صوبو بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،سرڪاري سطح تي ان بحث جي تصديق نه ٿي سگهي آهي،طاقتور ڌرين پاران ملڪ ۾ نون صوبن لاءِ آگاهي مهم هلائڻ لاءِ هڪ وڏي نيوز چئنل جي مالڪ ميان عامر محمود کي ذميواري ڏني وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 03 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.