ممبئي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن ڀارتي وومينز ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت ڪور جي عالمي کٽي ٽرافي سان شيئر ڪيل تصوير وائرل ٿي وئي.
ورلڊ چيمپيئن ڀارتي ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت ڪور ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي جي جڳ مشهور پوز جي نقل ڪئي آهي.
هرمن پريت پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ورلڊڪپ ٽرافي کي ڀاڪر ۾ ڀري اگهور ننڊ ستل نظر اچي رهي آهي.
سندس تصوير وارو انداز هو به هو ليونل ميسي جي ان تصوير جي ڪاپي هو، جيڪا هن 2022ع ۾ ارجنٽينا لاءِ فيفا ورلڊڪپ کٽڻ کان پوءِ جاري ڪئي هئي.
ڀارتي ڪپتان تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” ڪجهه خواب هڪ ارب ماڻهو ڏسن ٿا، تنهنڪري ڪرڪيٽ سڀني جي راند آهي.“
تصوير ۾ هرمن پريت ڪور کي جيڪا شرٽ پهريل آهي، ان تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”Gentlemen’s“ لفظ تي ليڪ پاتل آهي ۽ لِکيل آهي ”Cricket is everyone’s game“، جيڪو هڪ واضح پيغام ڏئي ٿو ته رانديون صنفي فرق کان آزاد ۽ سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجن.
واضح رهي ته ڀارت وومينز ٽيم آءِ سي سي وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا 52 رنسن تان شڪست ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.
هڪ ارب ماڻهن جي خوابَ جي ساڀيان، ”ڪرڪيٽ سڀني لاءِ “، عالمي ڪپ فاتح ڪپتان جو پيغام وائرل
You might also like