ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي: راشد لنگڙيال
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو آهي ته ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪس بابت بجيٽ ۾ منظور ٿيندڙ قدمن تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته ايف بي آر کي سمورن ادارن جو سهڪار حاصل آهي، اثرائتن قدمن سان ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس سڌارن ۾ وقت کپندو آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاق کان 15 سيڪڙو ۽ صوبن کان 3 سيڪڙو روينيو گڏ ڪرڻو آهي، روينيو لاءِ صوبن تي ايترو دٻاءُ ناهي جيترو وفاق تي آهي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته انفرادي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ 49 مان وڌي 59 لک ٿي ويو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسان کي ٽيڪس وصولي کي جي ڊي پي جي 18 سيڪڙو تي وٺي وڃڻو آهي.
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز بابت ٽاسڪ فورس سٺو ڪم ڪيو ۽ هاڻ حڪومت بجلي خريد نه ڪندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اويس لغاري چيو ته توانائي شعبي کي جديد ڪري رهيا آهيون، اسان کي جتي موقعو مليو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته توانائي جي شعبي جي ٽيڪنيڪي مسئلن کي حل ڪري اربين رپين جي بچت ڪئي، جڏهن ته گذريل 18 مهينن ۾ بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 10 سيڪڙو تائين لاٿ ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ پي پيز بابت ٽاسڪ فورس سٺو ڪم ڪيو ۽ هاڻ حڪومت بجلي نه خريد ڪندي، ان کانسواءِ گردشي قرض جي خاتمي بابت اثرائتو پلان ٺاهيو آهي، گردشي قرض ۾ گهٽتائي لاءِ 1200 ارب رپين جو قرض معاهدو ڪيو آهي، هڪ سال ۾ گردشي قرض ۾ 700 ارب رپين جي لاٿ آندي وئي آهي.