واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ روس ڳجهي نموني ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪا واحد وڏي طاقت آهي، جيڪا اهڙا تجربا نه پئي ڪري.
هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان پينٽاگون کي فوري طور ايٽمي تجربا ٻيهر شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، اتر ڪوريا، پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ ايٽمي تجربا ڪري رهيا آهن پر اهي اعلان نٿا ڪن.
آمريڪي جي ان بيان کانپوءِ عالمي سطح تي ڳڻتي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ته ڇا آمريڪا 1992 کانپوءِ پهريون ڀيرو نئون ايٽمي تجربو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا وٽ ايترو وڏو ذخيرو آهي جو دنيا کي 150 دفعا تباهه ڪري سگهي ٿو پر ان باوجود ايٽمي تجربا ضروري آهن ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اهي هٿيار ڪيئن ٿا ڪم ڪن.
هن چيو ته روس ۽ چين تجربا ڪري رهيا آهن پر خاموشي سان، اسان واحد ملڪ آهيون جيڪي نٿا ڪيون ۽ مان اهو نٿو چاهيان ته اسان واحد ملڪ رهون جيڪي تجربا نه ڪيون.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا وڌيڪ شفاف طريقي سان ڪم ڪندو آهي، اسان کليل معاشرو آهيون، سڀ ڪجهه عوام جي سامهون رکندا آهن، جيڪڏهن ٻيا ملڪ تجربا ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان کي به ڪرڻا پوندا.
هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي کاتي طرفان اهڙن الزامن تي اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو.
You might also like