نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ڪپ ٽرافي جي گهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽرافي نه ڏني وئي ته اهو معاملو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اجلاس ۾ اُٿاريو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوا جيت سائيڪيا هڪ ڀيرو وري ايشيا ڪپ ٽرافي جو مطالبو ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم کي اڃا تائين ايشيا ڪپ جي ٽرافي نه ملي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن سومر تائين ٽرافي ڀارت حوالي نه ڪئي وئي ته اِهو معاملو 4 نومبر تي ٿيندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ اٿاريو ويندو ۽ مون کي پڪ آهي ته آءِ سي سي انصاف ڪندي ۽ ڀارت کي ٽرافي ڏيارڻ ۾ مدد ڪندي.
ياد رهي ته ڀارت هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي دبئي ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.
فائنل کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم پي سي بي چيئرمين ۽ اي سي سي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هڪ اهلڪار ٽرافي اسٽيج تان هٽائي ڇڏي هئي.
ديوا جيت سائيڪيا جو چوڻ هو ته ٽرافي اڃا تائين بي سي سي آءِ جي هيڊ آفيس نه پهتي آهي، 10 ڏينهن اڳ اي سي سي چيئرمين کي باظابطا طور درخواست موڪلي وئي هئي ته ٽرافي جلد ڀارت حوالي ڪئي وڃي.
ذريعن موجب، اي سي سي جي صدر محسن نقوي اڳ ئي ڀارت کي ٽرافي واري معاملي تي جواب ڏئي چڪو آهي.
اي ميل ذريعي جواب ڏيندي اي سي سي صدر چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت کي ٽرافي کپي ته دبئيءَ اچي وٺي، جڏهن ته محسن نقوي 10 نومبر تي دبئي ۾ تقريب رکڻ جي آڇ پڻ ڪئي هئي.
محسن نقوي واضح ڪيو ته هاڻي جيڪڏهن ڀارت کي ٽرافي کپي ته ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل جي آفيس ۾ اچي مون کان وٺي، يا تقريب ڪوٺائي اي سي سي صدر کان وصول ڪري.
واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيل ايشيا ڪپ 2025 دوران ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادوَ پاڪستان خلاف ميچ ۾ پهرين ڪپتان ۽ پوءِ قومي ٽيم سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کي اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.
معاملو اتي ئي ختم نه ٿيو، پر ميچ کٽڻ کانپوءِ سوريا ڪمار يادوَ ڪرڪيٽ کي سياست جو رنگ ڏيندي پريس ڪانفرنس دوران پهلگام واقعي جو ذڪر ڪيو ۽ فائنل کٽڻ کان پوءِ به ڀارتي ٽيم پنهنجي هوڏ تي قائم رهي، ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.
You might also like