افغانستان جي هندوڪش خطي ۾ 6.3 شدت جو زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 320 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي هندوڪش خطي ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 320 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب لوڏا افغانستان جي مزار شريف سميت ٻين شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، مختلف حادثن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 320 زخمي ٿي پيا.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.3 ۽ اونهائي 28 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز سمنگان صوبي جي ضلعي خلم کان تقريبن 22 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.
رپورٽن موجب زلزلي جا لوڏا ترڪمانستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ايران ۾ به محسوس ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.