قانون حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا آهن، ڪراچي ۾ روڊن جو ڪم جاري آهي: ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ روڊن جو ڪم جاري آهي، انفرا اسٽرڪچر بهتر ڪري رهيا آهيون.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر آهي، جتي برسات سبب ڊرينيج کي نقصان ٿيو هو.
هن چيو ته هيلمٽ پائڻ سان نقصان ٿيندو آهي، قانون حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا آهن، پهريون چالان هڪ وارننگ هوندي، جيڪڏهن ٻيهر ڪنهن قانون ٽوڙيو ته ڏنڊ ڀريندو.
سندس چوڻ هو ته پ پ سڄي پاڪستان جي جماعت آهي، اسان لاءِ سڀ کان اهم پاڪستان آهي، پ پ جمهوريت ۽ عوام جي ڳالهه ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.