رومانوي لاڳاپا، هراساني جي شڪايت، صحافي جا صبا قمر تي سنگين الزام، اداڪارا پاران قانوني ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحافي نعيم حنيف اداڪارا صبا قمر جي ماضي بابت سنگين الزامن لڳايا آهن، جن کي اداڪارا بي بنياد قرار ڏيندي واضح اعلان ڪيو آهي ته هوءَ هن معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪندي.
گذريل ڏينهن آر اين اين ٽي وي جي يوٽيوب چينل تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافي نعيم حنيف صبا قمر جي ڪراچي بابت بيان تي تفصيلي ردعمل ڏنو.
هن چيو ته اداڪارا جو حق آهي ته هوءَ ڪنهن به شهر کي پسند يا ناپسند ڪري سگهي ٿي ۽ موجودا دور ۾ هر فرد کي اهڙي آزادي حاصل هئڻ گهرجي.
ان باوجود نعيم حنيف صبا قمر تي اهو الزام پڻ لڳايو ته کيس شروع کان اها عادت رهي آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو کيس ڪنهن به شهر ۾ گهر فراهم ڪري ته هوءَ اتي رهڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي.
هن صبا قمر جي تازي انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو ته اداڪارا پاڻ چيو هو ته جيڪڏهن ڪو کيس ڪراچي ۾ گهر ٺاهي ڏئي يا خريد ڪري ڏئي ته هوءَ اتي رهڻ لاءِ راضي ٿي ويندي.
صحافي موجب، جڏهن هو جڏهن ملڪ جي وڏي ميڊيا اداري سان لاڳاپيل هو، تڏهن يعني 2003ع کان 2004ع دوران صبا قمر لاهور جي والٽن روڊ تي هڪ اهڙي شخص طرفان فراهم ڪيل گهر ۾ رهندي هئي، جنهن سان سندس لاڳاپا هئا، پر شادي نه ٿي هئي.
نعيم حنيف دعويٰ ڪئي ته صبا قمر ان همراهه سان ڪيل واعدا پاڙي نه سگهي، جنهن کان پوءِ اهو شخص کيس هراسان ڪرڻ لڳو.
هن ٻڌايو ته صبا قمر هڪ ڏينهن هراساني جي شڪايت کڻي آفيس آئي، جتي سندس اداڪارا سان پهرين ملاقات ٿي.
ان موقعي تي صبا قمر عدالتي رپورٽر کي پنهنجي شڪايت کان آگاهه ڪيو، جنهن تي اداري تنظيم طور سندس مدد ڪئي.
نعيم حنيف ٻڌايو ته ان زماني ۾ ٻيا ماڻهو به مختلف نوعيت جي شڪايتن سان ميڊيا اداري جي آفيس ايندا هئا، جن ۾ اداڪارا نتاشا علي به شامل هئي، جيڪا مبينا طور ڪنهن پروڊيوسر طرفان پريشاني جو شڪار هئي.
صحافي نعيم حنيف طرفان مڙهيل سنگين الزامن کان پوءِ صبا قمر سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي نعيم حنيف جي وڊيو جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن تي ڪوڙو الزام لڳائڻ هڪ سنگين ڏوهه آهي، هوءَ ڪڏهن به والٽن ۾ نه رهي آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪجهه ڪيو، جنهن جو صحافي دعويٰ ڪري رهيو آهي.
صبا قمر سمورن الزامن کي بي بنياد ۽ توهين جوڳو قرار ڏيندي واضح ڪيو ته هوءَ هن معاملي تي نعيم حنيف خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.