ڪراچي جو انفرا اسٽرڪچر ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيندو آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته جڏهن به ڪراچي ايندو آهيان ته انفرا اسٽرڪچر ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، ڪراچي جو موجوده انفرا اسٽرڪچر اسان جي معاشي مرڪز جهڙو ناهي.
پنهنجي بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته لياري ايڪسپريس وي جو هلندڙ ڪم مطمئن ڪندڙ ناهي، لياري ايڪسپريس وي کي مثالي منصوبي ۾ تبديل ڪيو ويندو.
هن چيو ته ايم 6 ۽ ايم 10 موٽر وي منصوبا هن ئي مالي سال دوران شروع ٿيندا ۽ اهو سنڌ جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت جو تحفو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام کي صاف سٿرو شهر ۽ معياري انفرا اسٽرڪچر فراهم ڪنداسين، موٽر ويز ٺهڻ سان ڪراچي پورٽ سڄي ملڪ سان سڌي ريت جُڙي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.