زندگي جي وٺان پوءِ شادي ڪنديس: روميسا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا روميسا خان چيو آهي ته مان زندگي جي وٺان پوءِ شادي ڪنديس.
روميسا خان تازو هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
ان موقعي تي هڪ ڇوڪريءَ اداڪارا کان سوال ڪيو ته توهان اڃا تائين شادي ڇو ناهي ڪئي ۽ ڪهڙي قسم جو شريڪ حيات چاهيو ٿا؟
جواب ۾ روميسا چيو ته شريڪ حيات سٺو هجڻ گهرجي پر في الحال مان شادي جو نه پئي سوچيان، اڃا زندگي جي وٺان پوءِ شادي ڪنديس، ڇو ته شادي وڏي ذميواري هوندي آهي ڪو ڀوڳ ناهي.
هن چيو ته شادي کانپوءِ ٻارن جي ذميواري هوندي آهي، ائين ناهي ته مان چوان پيار ٿي ويو آهي ۽ شادي ڪري ڇڏيان، شادي لاءِ مون کي جيترو وقت وٺڻو پيو وٺنديس ۽ توهان کي به ائين ئي ڪرڻ گهرجي، تڪڙ ۾ غلط فيصلو نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.