بي سي سي آءِ جو عورتن سان مٿڀيد، عالمي ڪپ کٽيندڙ ٽيم کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ انعام ڏيڻ تي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) وومينز ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ طرفان عالمي ڪپ فاتح ٽيم لاءِ انعام جي اعلان کانپوءِ ڀارت ۾ صنفي مٿڀيد واري موضوع تي هڪ ڀيرو وري بحث ڇڙي ويو آهي.
ڀارتي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم آچر جي ڏينهن ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو وومينز ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪي هو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سومر تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي ڀارتي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ انعامي پئڪيج جو اعلان ڪيو.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته وومينز ٽيم ۽ سپورٽ اسٽاف کي سندن شاندار ڪاميابي جي اعتراف ۾ گڏيل طور تي 51 ڪروڙ ڀارتي رپيا انعام طور ڏنا ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بي سي سي آءِ جي طرفان وومينز ٽيم لاءِ انعام جي اعلان کانپوءِ اِهو سوال اُٿاريو پيو وڃي ” رڳو 51 ڪروڙ ئي ڇو؟“
اِها رقم اُن انعام جو اڌ به ناهي، جيڪو بي سي سي آءِ طرفان ڀارت جي مينز ڪرڪيٽ ٽيم کي 2024ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي ڏنو ويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مينز ٽيم کي 125 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا هئا.
بي سي سي آءِ جي اعلان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ان بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي ته ڀارت ۾ وومينز ڪرڪيٽرز کي سندن ڪاميابين جي باوجود برابريءَ جي بنياد تي حق ڇو نٿو ڏنو وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.