ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جو حال موهن جي دڙي کان بدتر آهي، اي چالان جي نالي تي شهرين کي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي وارن تي نون حربن سان ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، ماڻهو اڳ ئي ٽيڪس ڏئي رهيا آهن، صبر جي به ڪا حد هوندي آهي، شهر جا روڊ تباهه آهن، گهٽيون کنڊر بڻيل آهن پر حڪومت رڳو عوام تي بار وجهي رهي آهي.
هن چيو ته جهنگ جو به ڪو قانون هوندو آهي پر ڪراچي ۾ قانون نالي ڪا شئي ناهي، شهر جو حال موهن جي دڙي کان به بدتر آهي، سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون نه پئي ڪري ۽ ڏوهه عوام تي پئي ڏئي، رياست کي اڳ ۾ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي پوءِ عوام کان گهرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اجرڪ واري نمبر پليٽ کانپوءِ هاڻ اي چالان جي نالي تي شهرين کي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي، ڇا لاڙڪاڻي، نواب شاهه، جيڪب آباد يا ڪشمور ۾ به اهڙا قانون لاڳو آهن؟ صاف نظر اچي رهيو آهي ته ڪراچي وارن کي تنگ ڪيو پيو وڃي.
You might also like