گرمين ۾ آنا کائجن يا نه؟

گھڻا ماڻهو نيرن ۾ آنا کائڻ پسندا ڪندا آهن.

آڻڻ مان پروٽين، منرلز، وٽامنز ۽ ٻيا مخلتف غذائي جُز جسم کي ملندا آهن ۽ ان غذا کي صحت لاءِ به فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

پر هڪ خيال سامهون ايندو آهي ته گرم موسم ۾ آڻا کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇو جو انهن جو تاثير گرم هوندو آهي جنهن سان جسم کي نقصان پهچي سگھي ٿو.

پر ڇا اها ڳالهه واقعي درست آهي؟

طبي ماهرن موجب اهو خيال غلط آهي ۽ اهڙيون ڪي به سائنسي شاهديون موجود ناهن جن مان ثابت ٿئي ته گرم موسم ۾ آنا کائڻ سان صحت کي نقصان ٿي سگھي ٿو.

ڪجهه غذائن جو تاثير ٿڌو هوندو آهي ۽ ڪجهه غذائون گرم تاثير واريون هونديون آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مخصوص غذائن کي مخصوص موسم ۾ ئي کاڌو وڃي.

ان حوالي سان سڀ کان اهم اصول اهو آهي ته هر غذا کي مناسب مقدار ۾ کائڻ ضروري آهي ۽ گھڻو مقدار کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

گرم موسم ۾ آنا کائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟

ماهرن موجب آنن مان جسم کي گرمي سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ڇو جو انهن ۾ اهڙا غذائي جُز موجود آهن جيڪي صحت لاءِ ضروري هجن ٿا.

آنن جي استعمال سان جسم جي اندر فلوڊ جو توازن برقرار رهندو آهي ۽ ڊي هائڊريشن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

اهڙيءَ طرح نيرن ۾ آنا کائڻ سان جسماني توانائي وڌندي آهي ۽ ٿَڪُ ۽ ڪمزوري کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

آنن ۾ موجود وٽامن اي، اکين جي صحت لاءِ فائديمند آهي جڏهن ته ان ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس سان به نظر کي فائدو ٿيندو آهي.

پروٽين ۽ amino acids آنن ۾ موجود هوندا آهن جيڪي پٺن جي ماپ کي برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن جڏهن ته بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ به سولو ٿي ويندو آهي.

گرم موسم ۾ ڪيترا آنا کائڻ گھرجي؟

جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته هر غذا جو مناسب استعمال ضروري آهي ۽ گھڻو کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

ته روز هڪ يا 2 آنا کائڻ تائين محدود رهڻ گھرجي يا ڪولسٽرول جا مريضن هجن ته ان حوالي سان ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.