فضل الرحمان جي ڪاوڙ پنهنجو اگهه وڌائڻ لاءِ آهي:گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته فضل الرحمان جو ته گهر ۾ ووٽ ئي ڪونهي، ڊي آئي خان ۾ ماڻهن کي پڪڙي جي يو آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو، منهنجو ننڍڙو ورڪر به مولانا کي شڪست ڏئي ڇڏيندو.
هن دعويٰ ڪئي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪاوڙ صرف پنهنجو اگهه وڌائڻ لاءِ آهي، مولانا گورنري، ڪشمير ڪميٽي يا مال لاءِ ڊيل ڪري وٺندو.
علي امين جو چيو ته پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ٿيو، ان تي مولانا گڏجڻ لاءِ تيار آهي ته ڪو مسئلو ناهي، پي ڊي ايم جي تجربي جي ڪري ملڪ ڪٿان کان ڪٿان هليو ويو، پي ڊي ايم پنهنجو تجربو ڪري ورتو، هاڻ ملڪ وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب جي ٽڪ ٽاڪر وزير اعليٰ جي سموري ڪارڪردگي ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ آهي، خيبر پختونخواهه ۾ ماني جي قيمت پنجاب کان به گهٽ آهي، اگهن تي عمل نه ڪرائي سگهيس ته گهر هليو ويندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.