سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي عهديدارن پاران ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ کي مقرري تي واڌايون

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي چئن ايسوسيئيشنز جي چونڊيل ڪابينا ميمبرن وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ سان ملاقات ڪري کيس ٻئي مدي لاءِ وائس چانسلر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (SMUTA)، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي آفيسرز ايسوسيئيشن (SMIUOA)، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن (SMIUEWA) ۽ سنڌ مدرسته الاسلام اسڪول ٽيچرس ايسوسي ايشن (SMUSTA) جي چونڊيل ڪابينا ميمبرن ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي سان اربع ڏينھن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس ٻيهر وي سي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
چئني انجمنن جي چونڊيل نمائندن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اهڙي فيصلي جي ساراهه ڪئي ۽ ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي ڪم ۽ ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
هنن چيو ته ڊاڪٽر صحرائي پاران سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ يونيورسٽي کي هم آهنگي سان هلائڻ جي اعليٰ معيار جي ڪري ئي يونيورسٽي اندر هڪجهڙائي ۽ تعاون جو ھڪ مضبوط جذبو پيدا ٿيو آهي، اميد ته هو اڳتي به يونيورسٽيءَ کي اهڙي شاندار نموني سان هلائيندو رھندو.
ان موقعي تي چئني ايسوسيئيشنز جي چونڊيل عهديدارن نشاندهي ڪئي ته يونيورسٽي اندر ڪجهه عنصر ڪا به نمائندگي نه ھجڻ باوجود ذاتي مفادن لاءِ استادن ۽ ملازمن جا نمائندا ھجڻ جي بي بنياد دعويٰ ڪري رهيا آهن، اهڙن شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن يونيورسٽي اندر بھتر ماحول برقرار رھي.
چونڊيل نمائندن چيو ته ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ پاران يونيورسٽي جي ڀلائي لاءِ کڄندڙ سمورن اصلاحي قدمن تي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.