ڪچي جي ڌاڙيلن جا ساٿاري اهلڪار ڪراچي آندا پيا وڃن؟

سنڌ جي علائقي شڪارپور ۾ مختلف ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ 79 پوليس اهلڪارن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ان فيصلي تي اپوزيشن پارٽين خدشن جو اظهار ڪيو هو.

سنڌ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ جوڳا نتيجا حاصل نه ٿيڻ تي پوليس شڪارپور سميت ٻين علائقن ۾ مقرر پوليس اهلڪارن خلاف ڳجهي جاچ ڪئي هئي ۽ ڏوهارين جي سهولتڪاري جي الزام ۾ 79 پوليس اهلڪارن کي سندن عهدن تان هٽايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.