”پي ٽي آءِ باني مئي ۾ آزاد ٿيندو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جا ڪنهن سان بيڪ ڊور رابطا ناهن، جيڪڏهن ٿيا ته سڀني کي ٻڌائينداسين.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته مولانا فضل الرحمان سان احتجاج بابت اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ايم ڪيو ايم، ن ليگ ۽ پ پ کانسواءِ سڀني سان ڳالهيون ٿينديون.
هن چيو ته عمران خان جي آزادي تمام ضروري آهي، اسان جي ڪوشش هئي ته عيد کان اڳ آزاد ٿئي، پي ٽي آءِ باني مئي ۾ عوام جي وچ ۾ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.