شگر جي شرح ۾ واڌ، هٿرادو شربتن تي ٽيڪس 50 سيڪڙو ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ شگر جي شرح 30.8 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پاڪستان کي معذورن جي سڀ کان وڏي قوم بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ مصنوعي شربتن تي ٽيڪس جي شرح کي 50 سيڪڙو ڪرڻو پوندو.

ان ڳالهه جو مطالبو مختلف ميڊيڪل ايسوسيئيشنز، صحت جي ماهرن، غذائيت ۽ سول سوسائتي سان واسطو رکندڙ ماڻهن اڄ ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

هٿرادو مٺن شربتن تي ٽيڪسن ۾ واڌ جي حوالي سان ڪانفرنس ڊائيبيٽڪ ايسوسيئيشن آف پاڪستان رٿي هئي  ۽ ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن اسلام آباد، پاڪستان نيوٽريشن اينڊ ڊائٽيٽڪ سوسائٽي سوڌو مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ صحت جي ماهرن خطاب ڪيو.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊائبيٽڪ ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر عبدالباسط جو چوڻ هو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي تجربن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته هٿرادو مٺن شربتن تي ٽيڪس کي وڌائي نه رڳو شگر ۽ ٻين بيمارين تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو پر ان جي نتيجي ۾ گڏ ٿيندڙ رقم صحت جي مختلف پروجيڪٽس تي به خرچ ڪري سگھجي ٿي.

هن چيو ته پاڪستان هٿرادو مٺن شربتن جي استعمال جي شرح گھڻي وڌي وئي آهي پر اها تيزي سان وڌندي به وڃي پئي ٻي پاسي پاڪستان ۾ شگر ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ به گھڻي تيزي سان واڌ ٿيندي پئي وڃي.

گلوبل هيلٿ ايڊوڪيسي انڪيوبيٽر سان واسطو رکندڙ خوراڪ جي ماهر منور حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان شگر جي طوفان ۾ گھڙيل آهي جتي ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ بالغ ماڻهو شگر جي مرض ۾ ورتل آهن.

شگر جي مشهور ڊاڪٽر پروفيسر زمان شيخ جو چوڻ هو ته هٿرادو مٺا شربت ٺاهيندڙ ڪمپنيون هڪ مافيا آهن ۽ اهو مافيا اسان ٻارن، نوجوانن ۽ عورتن جي صحت ۽ زندگي تباهه ڪرڻ جي مشن تي آهي.

ان موقعي تي پروفيسر شبين ناز مسعود ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هٿرادو مٺن شربتن تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽي جي شرح 50 سيڪڙو تائين تائين وڌائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.