ڏندن جون بيماريون ختم ۽ چمڪ بحال ڪندڙ نسخو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناريل جي تيل جا ڪيترائي فائدا آهن، ناريل جو تيل چمڙي جي شين ۽ ڪاٺ جي فرنيچر کي چمڪائڻ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي ته آنن تي هلڪي ڪوٽنگ سان انهن کي دير تائين محفوظ رکڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي.

هي زنگ ختم ڪري ٿو ۽ گهاٽا داغ به ڊاهي ٿو.

ماڻهو ناريل جي تيل کي گاڏين تي رهڙون صاف ڪرڻ ۽ ٿانون جي ڪوٽنگ سان انهن جو رنگ بحال رکڻ لاءِ به استعمال ڪندا آهن.

ان کانسواءِ هي کاڌي ۾ به استعمال ٿيندو آهي ۽ هن ۾ شامل اينٽي مائڪرو بيل ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ صحت لاءِ فائديمند آهن.

ناريل جي تيل جو استعمال ڏندن جي مرضن ۽ جيتن جي خاتمي، مهارن جي سوڄ ختم ڪرڻ ۽ ڏندن کي چمڪدار بڻائڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ٿو.

ڏندن جي بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ هن جو استعمال سولو آهي.

روزانو هڪ چمچو ناريل جي تيل سان غرڙي ڪجي ۽ غرڙي ڪندي تيل کي سڄي وات ۾ ڦيرائجي پوءِ برش يا وري مسواڪ ڪري ڏند صاف ڪري ڇڏجن.

باقاعدگي سان برش نه ڪرڻ سان ڏندن ۾ غذا جا ذرا ڦاسي پوندا آهن انهن تي ڄميل مير ۾ جيوڙا به ٿي پوندا آهن جن جي ڪري ڏندن جي چمڪ ختم ٿي ويندي آهي.

ان صورت ۾ ناريل جي تيل جون غرڙيون ڪرڻ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.

ڇو ته غرڙي سان ناريل جو تيل وات ۾ جذب ٿي سوڄ گهٽائي ٿو ۽ ڏندن ۾ موجود نقصانڪار بيڪٽيرياز جو خاتمو ڪري ٿو.

ان کانسواءِ ساهه کي خوشگوار ڪري ٿو ۽ مهارن جي حفاظت سان گڏوگڏ ڏندن کي ڳرڻ يا ڀرڻ کان به بچائي ٿو.

خيال رهي ته ناريل جو تيل ڪيترن ئي مائوٿ واشز کان بهتر  آهي، جنماڻهن کي ناريل کائڻ يا ناريل جو تيل پيئڻ يا لڳائڻ سان الرجي ٿيندي هجي اهي احتياط ڪن يا ڊاڪٽر سان صلاح ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.