پاڪستاني فلم ۽ شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪبريٰ خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن فلم جي شوٽنگ دوران حقيقت ۾ جِن ڏٺو هو.
تازو ئي ڪبريٰ خان نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيرئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو
اداڪارا انٽرويو دوران پنهنجي زندگي جو هڪ خوفناڪ واقعو به ٻڌايو جيڪو اداڪارا سان سندس فلم جي شوٽنگ دوران پيش آيو هو.
اداڪارا چيو ته پنهنجي فلم جي شوٽنگ لاءِ آزاد ڪشمير وئي هيس جتي شوٽنگ دوران ڪمري ۾ جن اچي ويو.
هن جو چوڻ هو ته ڪمري ۾ ويٺي هيس ته جن آيو ۽ مونڏي ڏٺو، جڏهن محسوس ڪيو ته ڪا ٻي مخلوق موجود آهي ته پوءِ پنهنجي موبائيل ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت هلائي ڇڏي.
ڪبريٰ خان ٻڌايو ته ان واقعي بعد خبر پئي ته ان ڪمري جي ويجهو ڪو قبرستان آهي، پر هاڻي گهر کان جڏهن به ٻاهر نڪرندي آهيان ته ٽي ڀيرا آيت الڪرسي پڙهي پاڻ تي ڦوڪي ڇڏيندي آهيان.
Showbiz Kubrakhan Actress
You might also like