ايلرجي کان بيزار ماڻهو رڳو هنن ڳالهين جو خيال رکن؟

گھڻين عورتن کي مختلف قسمن جي ايلرجي ٿيندي آهي مثال طور صابڻ يا صرف سان ايلرجي، اکين مان پاڻي وهڻ يا ڌوڙ وغيرا سان ايلرجي. پر ڪجهه احتياطي تدبيرون اوهان کي بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن.

ايلرجي ڪيئن ٿيندي آهي؟

جڏهن اوهان صفائي ڪندا آهيو ته ڌوڙ جا ذرڙا ۽ انهن ۾ موجود جراثيم ايلرجي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

تنهنڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان روز گھر جي باقاعدگي سان صفائي ڪريو جنهن سان اوهان جي گھر ۾ ايتري ڌوڙ نه هوندي جيڪا ايلرجي جو سبب بڻجي.

صفائي لاءِ ڪهڙيون شيون استعمال ڪجن

اوهان پنهنجي گھر کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪهڙِي قسم جون شيون ۽ اوزار استعمال ڪندا آهيو ان تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ڇو جو اوهان جيڪو ويڪيوم استعمال ڪندا آهيو ان ۾ سنهڙن ذرڙن لاءِ فلٽر لازمي هجڻ گھرجي جيڪو ڌوڙ مٽي کي صاف ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

مائڪرو فائبر ڪپڙي ۽ ڊسپوزايبل ڊسٽ وائپس گھڻي سولائي سان ڌور کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

جيڪڏهن اوهان صفائي دوران ماسڪ يا دستانا استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي اهڙا استعمال ڪرڻ گھرجن جي ڌوئڻ جوڳا هجن يا ڊسپوزل ايبل هجن ڇو جو ليٽيڪس جا قسم کَلَ ۾ جلن جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

ڪپڙا ڌوئڻ وقت اهڙي ڊٽرجنٽ جو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جن ۾ رنگ نه هجي ۽ خوشبو وارا نه هجن ڇو جو اهي شيون يقيني طور تي ايلرجي جو سبب بڻبيون آهن.

جڏهن اوهان صفائي جون شيون استعمال ڪندا آهيو ته ان ڳالهه جو خيال رکو ته انهن ۾ امونيا، فارمل ڊيهائيڊ، سوڊيم لاريل سلفيٽ ۽ سوڊيم هائپوڪلورائيٽ نه هجن.

صفائي جي شين کي استعمال ڪرڻ کان اڳ انهن جا ليبل چيڪ ڪريو اهڙي طرح اوهان ايلرجي کان بچي ويندئو.

صفائي لاءِ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گھرجي

جڏهن اوهان پنهنجي گھر جي صفائي ڪندا آهيو ته پنهنجي گھر جي هر حصي کي اوهان هڪ ئي طرح صاف نٿا ڪري سگھو مثال طور

باٿ روم

ايلرجي جا جراثيم پکيڙڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو اسان جا باٿ روم هوندا آهن. تنهنڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان پنهنجي باٿ روم کي سٺي طرح صاف ڪريو. ٽب کي خشڪ ڪريو يا ان کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ سٺي طرح ڌوئو، ايگزاسٽ فين جو استعمال ڪريو. ٽاول کي سٺي طرح ڇنڊي استعمال ڪريو.

بورچي خانو

پنهنجي فرج جي باقاعدگي سان جاچ ڪريو، ڪائونٽرز ۽ سنڪ جي سٺي طرح صفائي ڪريو ۽ هر ٽن مهينن ۾ پنهنجن سڀني ڪچن ڪيبنٽ جي سيٽنگ تبديل ڪريو.

بيڊ روم

پنهنجي بيڊروم کي ايلرجي کان پاڪ رکڻ لاءِ هر هفتي پنهنجون چادرون، ويهاڻا ۽ ڪمبل تبديل ڪريو. انهن کي خشڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه ٽنگيو پنهنجي گدي ۽ ويهاڻي لاءِ مائيٽ پروف ڪيس جي چونڊ ڪريو.

جڏهن اوهان پنهنجي گھر ۾ ڪنهن به ڪمري کي صاف ڪندا آهيو ته سدائين ان جي شروعات مٿان کان ڪريو (پت جا پکا، لائيٽون وغيره) ۽ پوءِ هيٺان جي صفائي ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڌوڙ اوهان جي گھر ۾ هڪ هنڌن کان ٻئي هنڌ منتقل نه ٿيندي.

اوهان صفائي ڪندي وقت ماسڪ به پهري سگھو ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته ڪنهن به قسم جي ايلرجي جا جراثيم اوهان جي ساهه جي ذريعي جسم ۾ داخل نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.