سنڌ جو گرمي ٽوڙ شربت، ٿاڌل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي سميت اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻن علائقن جو گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويندو آهي ۽ گرمي جي شروعات کان ئي انهن علائقن ۾ چوواٽن ۽ مختلف ماڳن تي رنگارنگي اسٽال سينگاريا ويندا آهن جتي هٿ سان تيار ڪيل شربت ٿاڌل وڪرو ڪيو ويندو آهي.

ٿاڌل سنڌي لفظ ٿڌ مان ورتل آهي جنهن معنيٰ آهي ڌٿاڻ.

سنڌ ۾ ٿاڌل کي گرمي جو ٽوڙ سمجهيو ويندو آهي.

مسافر ماڻهو واٽ ويندي ٿاڌل جي اسٽالن تي بيهي اڃ اجهائيندا آهن.

ٿاڌل کي تيار ڪرڻ لاءِ خسخاس، ڪارا مرچ، زيرو، صونف، بادام ۽ جڙي ٻوٽيون استعمال ٿينديون آهن.

سڀني شين کي ڪٿي مشين ته ڪٿي ٺڪر جي ٿانون ۾ گهوٽيو کير جي رنگ جهڙي پيست تيار ڪري ان ۾ پاڻي وڌو ويندو آهي ۽ پوءِ مٺاڻ ۽ برف وجهي گراهڪ کي پياريو ويندو آهي.

موسمياتي تبديلين جي ڪري هر گذرندڙ سال گرمي جي شدت وڌي رهي آهي پر ٿاڌل هر سال پنهنجي پراڻي ذائقي سان پيش ڪئي ويندي آهي ۽ ماڻهو ان کي ائين ئي پيئڻ پسند ڪن ٿا جيئن سالن کان پيئندا پيا اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.