جيڪي اڪثر ڀوائتا خواب ڏسڻ بعد ڊڄي وڃن ته اُهي هنن تجويزن تي عمل ڪن

دل تيز ڌڙڪي، جسم ڏڪڻ لڳي، مٿي تي پگھر اچي ۽ ائين محسوس ٿئي ته ڪو اوهان جو پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ اوچتو اوهان جي اک کُلي وڃي، ڇا اوها ڀوائتا خواب ڏسي ڊڄي ويندا آهيو؟

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عام طور تي ڀوائتا خواب ننڍپڻ ۾ ايندا آهن پر هڪ اندازي موجب 50 سيڪڙو کان 85 سيڪڙو نوجوانن کي هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ڀوائتا خواب ايندا آهن.

پر اسان سڀني پنهنجي زندگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ته ڀوائتي خواب جو تجربو لازمي ڪيو هوندو، ننڊ ۽ صحت جي نفسيات ماهر ڊاڪٽر جوشوا ٽال جو چوڻ آهي ته اسان جي خوابن ۾ عام طور تي اُهي شيون شامل هونديون آهن جيڪي اسان جي ڏينهن جون سرگرميون هونديون آهن، ڪجهه محققن جو مڃڻ آهي ته خواب ڏسڻ سان يادداشت به متاثر ٿيندي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن کي گھڻا ڀوائتا خواب ايندا آهن جنهن جي ڪري اُهي هر وقت پريشاني کي منهن ڏيندا آهن ته ان کي انگريزي ۾ nightmare disorder چيو ويندو آهي، ان جي علاج لاءِ پهريان ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي ته جيئن اوهان دوائن جو استعمال ڪري سگھيو.

پر ڀوائتي خواب جو علاج به ضروري آهي ڇو جو ان جو واسطو اوجاڳي، ڊپريشن ۽ آپگهات جهڙن روين سان به آهي، جيئن ته ڀوائتا خواب ننڊ جي کوٽ جو سبب به بڻجي سگھن ٿا ان ڪري انهن جو واسطو دل جي بيماري ۽ ٿولهه سان به آهي.

جيڪڏهن اوهان به ڀوائتي خواب کان ڊنل يا پريشان آهيو ته رات جو بهتر ننڊ لاءِ هيٺ بيان ڪيل تجويزن تي عمل ڪري ڪجهه حد تائين فائدو حاصل ڪري سگھو ٿا.

ننڊ جو وقت مقرر رکو

ننڍپڻ م پنهنجن وڏڙن کان ٻڌندا آيا آهيون ته رات جو جلدي سمهڻ ۽ صبح جو جلدي اٿڻ جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي پر عمر سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اها عادت ختم ٿيندي پئي وڃي، گھڻا نوجوان رات جو دير تائين جاڳندا ۽ صبح جو دير سان اٿندا آهن جنهن سبب سندن ننڊ متاثر ٿيندي آهي.

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ ڊيوڊ گيفن اسڪول آف ميڊيسن ۾ ميڊيسن جي پروفيسر ۽ آمريڪن اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر جينيفر مارٽن چوي  ٿي ته نوجوانن ۾ ڀوائتن خوابن جي علاج جو سڀ کان اثرائتو طريقو اهو آهي ته اوهان رات جو جلدي سمهي پئو ته جيئن اوهان جي ننڊ پوري ٿي سگھي.

صحتمند ننڊ جي واسطو صحت سان آهي، ان کانسواءِ رات جو ڪجهه وقت ورزش ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان جي ڪمري ۾ اوندهه ۽ گرمي جو احساس نه هجي، رات جو ڪافي، چانهه کان پرهيز ڪريو.

رات جو سمهڻ کان اڳ کائڻ کان پاسو ڪريو

نيشنل سليپ فائونڊيشن موجب پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي کاڌو کائڻ سان ميٽابولزم ۾ واڌ ٿيندي آهي جنهن سبب دماغ ڦڙت رهندو آهي ۽ ڀوائتا خواب اچي سگھن ٿا.

روز جي دوائن ۾ تبديلي

جيڪڏهن اوهان جي روز استعمال ڪندڙ دوائن ۾ تبديلي آئي آهي جنهن کانپوءِ اوهان ڀوائتن خوابن کان ڊڄي رهيا آهيو ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

ميلاٽونن هڪ هارمون آهي جيڪو پرسڪون ننڊ جي حوصلا افزائي لاءِ ڪم ڪندو آهي، انجي دوائن جي استعمال سان ڀوائتا خواب گھٽجي ويندا اهن، جيڪڏهن اوهان به ننڊ ۾ بهتري، ڀوائتن خواب کان ڇوٽڪارو ۽ پريشاني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ميلاٽونن جو استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته پهريان ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

دٻاءَ گھٽائيندڙ ورزش

ورزش جسماني صحت لاءِ بهترين علاج آهي، ان ڪري رات جو سمهڻ کان اڳ اهڙي ورزش ڪريو جنهن سان دٻاءُ گھٽجي سگھي.

ڀوائتا خواب اسان جي اعصابي نظام کي سرگرم ڪندو آهي ۽ ان سبب ايندڙ جسم قدرتي طور تي ردعمل ڏيندو آهي.

ان ڪري اعصابي نظام کي پرسڪون رکڻ لاءِ رات جو ورزش ڪري سمهڻ سان ڀوائتا خواب کان ڪجهه تائين گھٽتائي اچي سگھي ٿي.

سمهڻ کان اڳ رات جو ڀوائتيون فلمون نه ڏسو

سون کان اڳ اهڙا ڊراما يا فلمون ڏسڻ کان پاسو ڪريو جنهن سبب اوهان جذباتي ٿي وڃو، مختلف فلمون ڏسڻ دوران ڳوڙها به وهي ايندا آهن، ان ڪري اهڙومواد رات جو ڏسڻ کان پاسو ڪريو.

ذهني صحت لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو

جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل تجويزن تي عمل ڪري فائدو ناهي ٿي رهيو ته پنهنجي ڊاڪٽر يا ننڊ جي ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀوائتا خواب ڪنهن وڏي مسئلي جي به علامت ٿي سگھي ٿي مثال طور پي ٽي ايس ڊي يا موڊ جي خرابي، پر بنيادي علاج لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ لازمي آهي.

سندن چوڻ هو ته جديد دور ۾ ڀوائتن خواب سان ڊڄڻ، بي خوابي، بي چيني ۽ موڊ جي خرابي جي نفسياتي علاج تي وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ان ڪري جيڪڏهن اوهان به اهڙن مسئلن جو شڪار آهيو ته مدد طلب ڪرڻ کان نه گھٻرايو، ۽ پنهنجي سائڪو ٿيراپي سان رابطو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.