اهي غذائون، جن ۾ بيضي کان وڌيڪ پروٽين موجود هوندو آهي

پروٽين سان ڀرپور غذائن جي استعمال سان اسان جي صحت کي ڪيترائي فائدا پهچندا آهن.

ماهرن موجب انساني جسم لاءِ پروٽين جو استعمال تمام ضروري آهي پر صحتمند رهڻ لاءِ وڌيڪ پروٽين کان پرهيز ۽ متوازن غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

مختلف ماڻهن جي جسم کي مختلف مقدار ۾ پروٽين جي ضرورت هوندي آهي پر پروٽين جو صحيح مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي پروٽين سان ڀرپور غذائون کائڻ گهرجن ته جيئن هڪ تندرست زندگي گذاري سگهجي.

غذائي ماهرن موجب جانورن ۽ ٻوٽن ٻنهي مان پروٽين حاصل ڪري سگهجي ٿو.

هيٺ پروٽين حاصل ڪرڻ جا ڪجهه ذريعا ٻڌائجن ٿا:

کير

کير ۽ ان مان تيار ڪيل شيون پروٽين سان مالامال هونديون آهن، گڏوگڏ انهن ۾ ڪيلشيم جو خزانو به هوندو آهي، کير جي هر گلاس (9 ملي ليٽر يا 250 گرام) ۾ 10 کان 18 گرام پروٽين هوندو آهي.

مختلف سبزيون

سبزين جو استعمال صحت لاءِ فائديمند آهي، انهن ۾ گُل گوبي، بند گوبي، پالڪ سميت ساون پنن وارين سبزين ۾ ڀرپور پروٽين هوندو آهي.

ناريل

ناريل به پروٽين جو اهم ذريعو آهي، تازي ناريل جي هر 200 گرام ۾ 16 گرام پروٽين هوندو آهي، جڏهن ته ان ۾ ”ٿريونين“ نالي هڪ امائنو ايسڊ به هوندو آهي، جيڪو جگر جي حفاظت لاءِ ضروري آهي.

مٽر

اهي ماڻهو، جن کي کير پسند ناهي، پنهنجون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مٽر جو استعمال ڪري سگهن ٿا، ڇو ته ان ۾ کير وارا اهم سمورا غذائي جزا موجود هوندا آهن، جن ۾ وٽامن ڪي، مينگيز، غذائي ريشو (فائبر) ۽ وٽامن بي ون شامل آهي.

داليون

داليون انهن غذائن مان هڪ آهن، جن کي پروٽين حاصل ڪرڻ جو خاص ذريعو سمجهيو ويندو آهي، هڪ ڪوپ (198 گرام) اُٻريل دال ۾ 18 گرام پروٽين هوندو آهي.

چڻا

چڻن کي قدرت جو انمول تحفو قرار ڏنو ويندو آهي، اهي فائبر ۽ پروٽين حاصل ڪرڻ جو اعليٰ ترين ذريعو آهي، چڻا دل ۽ هڏين جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن، گڏوگڏ اهي ڪينسر کان به بچائيندا آهن.

ڳاڙهو گوشت (ريڊ ميٽ)

ڳائي/ٻاڪري گوشت ۾ پروٽين، زنڪ، فاسفورس، آئرن ۽ وٽامن بي موجود هوندو آهي، جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت ۽ مڇي جي ڀيٽ ۾ سڻڀ وڌيڪ هوندو آهي.

غذائي ماهرن موجب ڳائي ۽ ٻاڪري گوشت ۾ پروٽين سٺي مقدار ۾ هوندو آهي، ان گوشت کي عام روٽين ۾ ضرورت موجب کائجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.