ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونئن ته گرمين جي موسم گذري چڪي آهي پر ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سج جي تپش ۽ سخت گرمي اڃا به برقرار آهي، گرمين ۾ جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ اهڙن کاڌن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي جيڪي جسم جي گرمي کي ماريندا آهن ۽ ان سان نظام هلندو رهندو آهي.
ڪجهه ميون ۽ ڀاڄين ۾ اهڙيون خاصيتون هونديون آهن جيڪي اوهان جي جسم کي گرمي کان بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ٿيون، انهن مان هڪ بصر به آهي.
عام طور تي ماڻهو گرمين ۾ منجهند جي کاڌي سان ڪچا بصر ضرور کائيندا آهن ۽ شروع کان ئي اهو ٻڌندا ايا آهيون ته ڪچا بصر گرمين ۾ کائڻ سٺو آهي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ماهر ان حوالي سان ڇا چون ٿا؟
هڪ طبي ويب سائيٽ موجب ڪچنبدران پڪلبصر چونڊڻ گهرجن کڻي موسم ڪهڙو به هجي.
ڪچا بصر سيني ۾ ساڙي ۽ معدي ۾ تيزابيت جو سبب بڻجندا اهن ۽ گرمين ۾ هاضمي جي نظام جا مسئلا به ٿيندا آهن.
هڪ پراڻي مطالعي مان خبر پئي آهي ته ڪچن بصرن تي ٻڌل کاڌو کائڻ سان سيني ۾ ساڙو، تيزابيت ۽ ڌڙڪڻ ۾ واڌ ٿيندي اهي جڏهن ته اهڙا کاڌا جن ۾ ڪچا بصر شامل ناهن انهن کي کائيندڙ ماڻهن ۾ ان قسم جي ڪا بيماري ناهي هوندي.
پيٽ ۾ لاڳيتو آواز اچڻ مان خبر پوي ٿي ته ڪچا بصر کائڻ سان معدي ۾ وڌيڪ گيس پيداٿي رهي آهي، ائين بصرن ۾ فرمينٽيبل فائبر جي وڌيڪ مقدار جي ڪري ٿي سگهي ٿو.
رپورٽموجب ڪچن بصرن کي هضم ڪرڻ به وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي ۽ هي غذائي نالي تي خارش پيدا ڪري سگهن ٿا جنهن سان سيني ۾ سارو ٿيندو آهي، سبب ڪهڙو به هجي، جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته ڪچا بصر کائڻ سان اوهان جي صحت تي فرق پوي ٿو ته اوهان کي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.