هڏڪي ڇو اچي ٿي ۽ ڪيئن ختم ڪجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻن ماڻهن کي هڏڪي ته ضرور آئي هوندي پر اوهان کي ٻڌايون ته بدقسمتي سان هڏڪين جو ڪو اهڙو علاج ئي ناهي جيڪو هر ڪنهن تي اثر ڪري ۽ سائنسدانن لاءِ اهو ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ ناهي ته ان جو سبب ڇا آهي ۽ علاج ڪيئن ڪجي.

پر تحقيقي رپورٽن ۾ اهڙو خيال ظاهر ڪيو ويندو آهي ته عام طور تي پيٽ ۾ ڪنهن خارش يا سوڙهو ٿيڻ سان هڏڪي ٿئي ٿي.

جيڪڏهن اوهان به هڏڪين جي ڪري پريشان رهندا آهيو ته سڀ کان پهريان ڄاڻيون ٿا ته هڏڪي ڇو اچي ٿي.

هڏڪي هڪ عام شئي آهي جيڪا ڪجهه منٽن کان ڪجهه ڪلاڪن تائين رهي سگهي ٿي، جيڪڏهن اوهان تيزي سان کاڌو کائڻ جا عادي آهيو ته اوهان ماني کائڻ جي رفتار گهٽايو، ڇو ته تيزي سان کائڻ يا وڏو گرهه ڳڙڪائڻ هڏڪين جو سبب بڻجي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ آهستي کائڻ ان عارصي تڪليف کان بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

سگريٽ ڇڪڻ رڳو صحت لاءِ خطرناڪ ناهي پر ان جي عادي ماڻهن ۾ هڏڪين جو امڪان به وڌيڪ هوندو آهي.

طبي ماهرن موجب جذباتي دٻاءُ يا جوش جذبو به هڏڪين جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ائين ٿيندو آهي ته جسم ۾ ايندڙ تبديلي جي نتيجي ۾ دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳندي آهي.

جيڪڏهن اوهان اڪثر هڏڪين جو شڪار رهندا آهيو ته معهدي جو هڪ مرض GERD به ٿي سگهي ٿو، عام طور تي ائين هڪ مخصوص سائڪل ۾ ٿيندو آهي ۽ هڏڪيون ان مرض کي خراب ڪن ٿيون.

هاڻي ڄاڻيون ٿا ته هڏڪين کي ڪيئن روڪجي؟

طبي ماهرن موجب هڏڪيون روڪڻ جو سڀ کان عام ٽوٽڪو پنهنجو ساهه روڪڻ آهي ۽ اهو سڀني کي آزمائڻ گهرجي، اهو طريقو ڦڦڙن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي گڏ ڪري ٿو جنهن سان هڏڪي گهٽجي وڃي ٿي.

گهڻو ٿڌو پاڻي يا پاڻي ۾ برف وجهي پيئڻ به هڏڪي روڪڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، ٿڌو پاڻي پيٽ ۾ خارش کان روڪي ٿو جيڪا هڏڪي جو سبب بڻبي آهي.

ساهه روڪڻ جيان پيپر بيگ ۾ ساهه کڻڻ به هڏڪين کي روڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، يو ڪي نيشنل هيلٿ سروس موجب اهو ٽوٽڪو رت ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح وڌائي پيٽ ۾ خارش کي گهٽائي ٿو.

ڪرسي تي ويٺي پير ڪرسي جي سطح تي رکجي ته جيئن گوڏا سيني وٽ پهچي وڃن ۽ هٿ سان ائين پڪڙجن جو ڳلن سان ملي رهيا هجن ۽ پوءِ پير سڌا ڪجن، اهو عمل ڪرڻ سان هڏڪيون بيهي وينديون آهن.

هڪ چمچو کنڊ ڳهڻ هڏڪين کي روڪڻ جو مشهور طريقو آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته ان جا داڻا حرڪت ڏياري عضون کي ري سيٽ ڪري ڇڏيندا آهن.

سرڪي جو هڪ چمچو به آزمائي سگهجي ٿو، ان جو تکو ذائقو جسم ۾ وڃي هڏڪين کي روڪي ڇڏيندو

مرچائي شيون هڏڪيون روڪڻ لاءِ ڪارائتيون هونديون ڇو ته انهن جي حرارت ۽ ساڙي سان جسم جو ڌيان انهن ڏانهن هليو ويندو آهي.

هڪ چانهه جو چمچو ماکي گرم پاڻي ۾ وجهي پي ڇڏجي، ماکي به هڏڪيون روڪيندي آهي.

ڪوڪا يا اوولٽين جو هڪ چمچو کائڻ سان به هڏڪي بند ٿئي ٿي جڏهن ته ڪنهن ننڍي ڪاغذي ٿيلهي ۾ وات وجهي گهاٽو ساهه کڻڻ سان رت ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح وڌندي آهي ۽ گهرائي ۾ آڪسيجن پهچڻ سان هڏڪيون رڪجڻ جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ پيپر ٽشو جو هڪ تهه گلاس جي مٿان وڇائي پاڻي کي ٽشو ذريعي پيئڻ جي ڪوشش ڪريو، ان سان پاڻي ڇڪڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي پر هڏين جو سبب بڻجندڙ عضون جي چرپر گهٽجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.