ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجڻ جو حقدار آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو اهي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي تاريخ ۾ نه ٿيا، هو وزيراعظم بڻجڻ جو حقدار آهي.
هن چيو ته ڪينالن خلاف تحريڪون هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پ پ چئي چڪي آهي ڪينال نه ٺهندا ته نه ٺهندا.
سندس چوڻ هو ته موسمي ڏيڏر چونڊن کان اڳ ظاهر ٿيندا آهن ۽ پوءِ گم ٿي ويندا آهن پر پ پ جو عوام سان چونڊن جو نه جيئڻ مرڻ جو رشتو آهي، ٻوڏ سڄي پاڪستان ۾ آئي پر رڳو سنڌ حڪومت گهر ٺاهي رهي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٻه لک کان وڌيڪ گهراڻن کي ميرٽ تي سولر سسٽم ڏئي رهيا آهيون، سولر سسٽم انهن کي ڏنو ويندو، جيڪو بجلي جو بل نٿا ڀري سگهن.
Prev Post
Next Post
You might also like