صاف جلد، جسم مان صحت لاءِ هيڃيڪار مادن جي صفائي ۽ وزن ۾ گھٽتائڻ جا خواهشمند ماڻهو ڏينهن ۾ 2 کان 4 ڪوپن تائين گرين ٽي جو استعمال ڪندا آهن پر ان عمل سان جسم جي اهم ترين عضوي جيري کي گھڻو نقصان پهچي رهيو آهي جنهن بابت ڄاڻڻ ضروري آهي.
گرين ٽي جو استعمال انساني جسم لاءِ گھڻو فائديمند قرار ڏنو ويندو آهي، خاص ڪري جيڪي ماڻهو وزن ۾ گھٽتائي چاهيندا آهن اهي کير واري روايتي چانهه جو استعمال ڇڏي گرين ٽي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيندا آهن، پر نئين تحقيق جي نتيجن اکيون کولي ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ گرين ٽي جي استعمال کي ڇڏي ڏيڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي.
اسرائيل جي ڪليٽ هيلٿ سروس ۽ ڪپلان ميڊيڪل سينٽر طرفان گرين ٽي تي تحقيق ڪئي وئي آهي، ان تحقيق جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽ ”GastroHep“ ۾ ڇاپيا ويا آهن. تحقيق جي نتيجن موجب گرين ٽي جو استعمال جيري جي سوڄ کان وٺي مڪمل طور تي ان کي ناڪارا بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، گرين ٽي جو استعمال جيري کي نقصان رسائي سگھي ٿو.
گرين ٽي تي ڪيل تحقيق موجب گرين ٽي پيئڻ سبب جيري تي ٿيندڙ سوڄ جا 100 کان وڌيڪ دستاويزي ڪيس موجود آهن، اها سوڄ چانهه جي ٻوٽي ۾ نباتاتي زهريلي مواد جي سڌي ريت موجودگي ۽ عام طور تي ميٽابولڪ ردعمل جو نتيجو آهي.
تحقيق موجب گھڻي گرين ٽي پيئڻ خاص طور تي عورتن ۾ جيري جي خرابي جو سبب بڻجي رهيو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته في الحال اهو واضح ناهي ٿيو ته گرين ٽي ۾ موجود ڪهڙا جُز جيري کي نقصان رسائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.
محققن طرفان ان مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته گرين ٽي سان گڏ ٻين جڙين ٻوٽين کي گڏائي پيئڻ به جيري جي شديد بيماري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.