ڊاڪٽرن جو وڏو ڪارنامو، ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ٻار جي دماغ جو آپريشن!

آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي شهر بوسٽن ۾ هڪ ٻارڙيءَ جي دماغ جي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ڪامياب سرجري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ٻارڙي جي پيدائش به ٿي وئي آهي ۽ اها مڪمل طور صحتياب آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ماهرن سرجري جي ڏکئي ۽ جديد طريقي کي استعمال ڪندي پيدائش کان اڳ ئي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻارڙي جي دماغ جو آپريشن ڪيو.

ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ٻار جي آپريشن جي عمل کي ”يوٽرو سرجري“ چيو ويندو آهي.

طبي رسالي ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تحقيق موجب ٻارڙيءَ کي ماءُ جي پيٽ جي اندر ئي   Vein of Galen Malformation  نالي بيماري هئي، جيڪو دماغ ۾ رت جي پهچ جو انتهائي سنگين مسئلو آهي، جنهن ۾ ڦڦڙن ۽ دل سميت ٻين عضون کي رت درست نموني ناهي پهچندو ۽ ائين دماغ صحيح ڪم ناهي ڪري سگهندو.

ڊاڪٽرن کي جڏهن ان جي خبر پئي ته انهن ماءُ جو پيٽ ڪَٽڻ بدران جديد طريقي سان آپريشن جو منصوبو ڪيو.

ان علاج جي طريقي ڪار تحت ماءُ جي پيٽ ۾ ننڍيون سُيون داخل ڪيون ويون، جن کي تار يا نيڊل کان هڪ کان ٻي جاءِ منتقل ڪري سرجري ڪئي وئي.

ماهرن ماءُ جي پيٽ ۾ نيڊل ذريعي سيون داخل ڪيون ۽ پوءِ انهن جي سُين جي مدد سان ٻار جي دماغ جي رڳن جو علاج ڪيو ويو.

اها سرجري ڪامياب رهي ۽ هلندڙ سال 17 مارچ تي 4 پائونڊ وزن سان ڊينور ڪولمين جي پيدائش ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.