ورزش کانسواءِ جسماني وزن ڪيئن گھٽائجي؟

صحتمند زندگي لاءِ ورزش کي معمول بڻائڻ اهم هوندو آهي ڇو جو ان سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سوڌو ٻيا طبي فائدا حاصل ٿيندا آهن.

پر زندگي جي مصروفيتن سبب گھڻن ماڻهن لاءِ ورزش ذريعي جسماني وزن گھٽائڻ ڏکيو ثابت ٿيندو آهي.

خوش قسمتي سان ورزش کان هٽي ڪري به جسماني وزن گھٽائڻ ممڪن آهي، جنهن لاءِ غذا ۽ طرز زندگي ۾ ڪجهه عام تبديليون آڻڻ ضروري آهي.

ان حوالي سان خوراڪ جو ڪردار اهم ثابت ٿيندو آهي ڇو جو اسان جيڪو ڪجهه کائيندا آهيون اهو جسماني صحت تي اثرانداز ٿيندو آهي.

انهن سولين ٽپس بابت ڄاڻيو جن جي مدد سان ورزش ڪرڻ کانسواءِ به جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ممڪن هجي ٿو.

غذائي جُزن سان ڀرپور غذا جو استعمال

هونئن ته گھڻا ماڻهو جسماني وزن گھٽائڻ لاءِ خوراڪ جي مقدار ۾ گھٽتائي ڪندا آهن پر ان سان جسم مختلف غذائي جُزن کان محروم ٿيڻ لڳندو آهي.

جسماني وزن ۾ گھٽتائي ۽ گڏيل صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ غذائي جُزن جي ضرورت هوندي آهي.

ان، ميون، ڀاڄين، سڻڀ کان پاڪ گوشت، گھٽ سڻڀ واري کير مان ٺهيل شين، بيضن، ڪڪڙ ۽ مڇي، ڦرين ۽ دالين جهڙين غذائن جو استعمال جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

اهڙيءَ طرح دائمي مرضن جو خطرو به گھٽجي ٿو.

وڌيڪ پروٽين واري خوراڪ جي چونڊ ڪريو

جسماني مسلز کي ٺاهڻ ۾ پروٽين جو مک ڪردار هوندو آهي جڏهن ته اهو غذائي جُز انسولين جي حساسيت کي به وڌائي ٿو جنهن سان به جسماني چرٻي گھٽجي ٿي.

پروٽين سان ڀرپور خوراڪ جي استعمال سان پيٽ ڀرڻ جو احساس وڌيڪ وقت تائين برقرار رهي ٿو جنهن سان به جسماني وزن گھٽائڻ سولو ٿي وڃي ٿو جڏهن ته ان سان جسماني وزن کي ڊگھي بنياد تي مستحڪم رکڻ به ممڪن هجي ٿو.

دالين، ڀاڄين، بيضن ۽ مڇي جهڙين غذائن ۾ پروٽين جو مقدار وڌيڪ هجي ٿو.

فائبر جو گھڻو استعمال

فائبر اهڙو غذائي جز آهي جيڪو صحت کي مختلف طريقن سان فائدو پهچائي ٿو.

فائبر جي استعمال سان هاضمي جو نظام بهتر ٿئي  ٿو، ڪولسٽرول ۽ بلڊ شگر جي سطح کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ملي ٿي جڏهن ته پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس به دير تائين برقرار رهي ٿو.

ماهرن موجب ميون، ڀاڄين، ڦرين، دالين ۽ ان ۾ فائبر جو مقدار گھڻو هجي ٿو جڏهن ته اها خوراڪ مختلف وٽامنز، منرلز، اينٽي آڪسائيڊنٽس ۽ قدرتي مرڪبن سان به ڀرپور هجي ٿي.

ان سان جسماني وزن گھٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

پاڻيءَ جي مناسب مقدار جو استعمال

پاڻي سان جسماني گرمي پد ڪنٽرول ۾ رهي ٿو، بلڊ پريشر ۾ گھٽتائي اچي ٿي، غذائي جز ۽ آڪسيجن جسماني جيوگھرڙن تائين پهچن ٿا ۽ بُڪين جي فعلن کي درست رکڻ ممڪن ٿئي ٿو.

مٺن شربتن جي جاءِ تي پاڻي کي ترجيح ڏيڻ سان سڄو ڏينهن استعمال ڪيون ويندڙ ڪيلوريز جي مقدار ۾ گھٽتائي اچي ٿي جڏهن ته هوريا هوريان جسماني وزن گھٽجڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي.

تحقيق رپورٽن موجب هر ڀيري کائڻ کان اڳ هڪ کان 2 گلاس پاڻي پيئڻ سان خوراڪ جو گھٽ مقدار کائڻ ۾ مدد ملي ٿي جنهن سبب به جسماني وزن گھٽجي ٿو.

طبي ماهرن طرفان روزانو گھٽ ۾ گھٽ 6 کان 8 گلاس پاڻي پيئڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي پر موسمي حالتن ۽ جسماني محنت کي نظر ۾ رکندي ان مقدار ۾ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

ننڊ جون سٺيون عادتون اپنايو

ننڊ دوران اسان جو جسم پنهنجي مرمت ڪندو آهي ۽ جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته مناسب ۽ معياري ننڊ سان جسماني وزن ۽ جسماني چرٻي ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي ٿي.

تحقيق موجب ننڊ جي کوٽ دٻاءَ جي سطح کي وڌائيندڙ هارمونز جي انگ کي وڌائي ٿي جنهن سبب جسماني وزن گھٽائڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو.

ماهرن موجب 26 کان 64 ورهين جي عمر وارن ماڻهن کي رات جو روزانو 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي.

سٺي ننڊ لاءِ سمهڻ کان اڳ ڪيفين جي استعمال کان پاسو ڪريو جڏهن ته ننڊ جي وقت کان هڪ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ڊجيٽل ڊوائيسز جو استعمال نه ڪريو.

روز هڪ ئي وقت سمهڻ ۽ اُٿڻ کي معمول بڻائڻ سان جسماني گھڙي کي ريگوليٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي جڏهن ته ننڊ جو معيار به بهتر ٿيندو آهي.

دٻاءَ کي ڪنٽرول ڪريو

تحقيق رپورٽن ۾ جسماني،  ذهني دٻاءَ ۽ جسماني وزن ۾ واڌ وچ ۾ واسطو ثابت ٿيو آهي.

دٻاءَ سبب جسم ۾ هڪ هارمون ڪورٽيسول خارج ٿيندو آهي جيڪو کائڻ جي خواهش کي وڌائڻ سان گڏوگڏ چرٻي کي وڌيڪ ذخيرو ڪرڻ لڳندو آهي.

ان هارمون جو انگ وڌڻ سان اهڙي خوراڪ جي خواهش وڌي ويندي آهي جن ۾ سڻڀ ۽ کنڊ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جنهن سبب پيٽ نڪرڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته دٻاءَ جو شڪار ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ کائيندا آهن جنهن سبب جسماني وزن وڌندو آهي.

دٻاءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ يوگا جي مشق، گھرو ساهه کڻڻ يا مطالعي جهڙين عادتن کي اپنائي سگھجي ٿو يا ڊاڪٽر سان به مشورو ڪرڻ گهرجي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.