اميدواري دوران ذهني دٻاءُ سالن تائين خطرناڪ رهندو: تحقيق

هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته حمل دوران ٿيندڙ ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي دٻاءُ ماءُ جي صحت تي ڊگهي عرصي تائين اثر وجهي سگهي ٿو، جيڪو خاص طور تي ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ پهرين سال دوران هاءِ بلڊ پريشر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هي تحقيق "هاءِ بلڊ پريشر” نالي جرنل ۾ ڇپي آهي ۽ نئشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي مائرون جيڪي حمل دوران سخت ذهني دٻاءُ ۽ ڊپريشن جو شڪار رهيون، انهن ۾ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ به چار سالن تائين هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو برقرار رهيو.

تحقيق ۾ اهو به ثابت ٿيو آهي ته حمل دوران وڌندڙ ذهني دٻاءُ ۽ ڊپريشن جون علامتون خاص طور تي ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ پهرين سال ۾ ماءُ جي هاءِ بلڊ پريشر سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن.

مطالعي جي مرڪزي ليکڪا، نوئل پارڊو جو چوڻ آهي ته حمل هڪ انتهائي نازڪ ۽ منجهيل مرحلو آهي، جنهن دوران عورت کي مختلف جسماني ۽ نفسياتي تبديلين مان گذرڻو پوي ٿو، جيڪي سندس صحت تي اثرانداز ٿين ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته هي تحقيق اميودار جي صحت بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي ته جيئن اهو سمجهي سگهجي ته حمل کان پوءِ جي ذهني دٻاءَ وارا عنصر عورت جي زندگي ۽ صحت تي ڪهڙو اثر وجهن ٿا، ۽ انهن کي ڪيئن بهتر نموني سمجهي ۽ سنڀالي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.