انسان جا عضوا رات جو ڇا ۽ ڪيئن ڪندا آهن؟ اڌ ننڊ مان اٿڻ خطرناڪ قرار

اهو ته سڀ ڪنهن سان ٿيندو هوندو ته اهي رات جو ڪهڙي به وقت سجاڳ ٿيندا هوندا، اڌ رات جو ننڊ مان سجاڳي جا ٻه وڏا سبب آهي هڪ اڃ لڳڻ ٻيو پيشاب جو اچڻ.

ڪيترائي ماڻهو ڪنهن ذميواري يا پريشاني جي ڪري به رات جو ننڊ ناهن ڪري سگهندا يا وري اڌ رات جو ننڊ مان جاڳندا رهندا آهن.

ٿوري دير لاءِ توهان اهو اندازو لڳايو ته جڏهن وقت ماپڻ لاءِ واچ يا گهڙيال ايجاد نه ٿيو هو ته ماڻهو وقت جو صحيح ڪاٿو ڪيئن لڳائيندا هئا؟ توهان کي خيال ايندو ته سج جي روشني تي؟ ڀلا رات جو ڪيئن خبر پوندي هئي؟ توهان چوندا ته ستارن جي جاءِ مٽائڻ جي حساب سان. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته انسان جي جسم ۾ به قدرتي طور هڪ واچ آهي جيڪا ٻين شين جي مدد بنا انکي ٽائيم ٻڌائي سگهي ٿي؟

جسم جي واچ ۽ چيني ماهر

چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان جي جسم ۾ موجود واچ رڳو وقت بابت ناهي ٻڌائيندي پر اها انسان جي صحت بابت به ٻڌائيندي آهي، توهان ان کي بيمارين جي علامت سمجهڻ کانپوءِ واچ سان جوڙيو يا واچ سمجهي بيمارين جي علامت سان جوڙيو ڳالهه مڙئي ساڳئي آهي.

ڊگهي تحقيق کانپوءِ چيني ماهرن دريافت ڪيو آهي ته جيڪڏهن رات جو هڪ ئي وقت ڪو ماڻهو سجاڳ ٿئي ٿو ۽ ان جي ننڊ خراب ٿي وڃي ٿي ته اهو ڪنهن نه ڪنهن اندرين عضوي جي خرابي جو اشارو آهي.

مطلب اهو ٿيو ته توهان پيشاب جي اچڻ اڃ لڳڻ کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن به وقت روز هڪ ئي وقت تي سجاڳ ٿيو ته توهان جي عضون جي خرابي جو اثر آهي.

هاڻي اها خبر ڪيئن پوي ته ڪهڙو عضوو خراب آهي؟

سمهڻ جو وقت

اها ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته سٺي ننڊ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ست ڪلاڪ ضروري آهي. جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي رات جو نائين وڳي کان ڏهين وڳي جي وچ ۾ سمهڻ گهرجي ته جيئن اهو صبح جو علي الصبح اٿي سگهي ۽ تازگي محسوس ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ان وقت تي ننڊ ڪندي اهو اڌ رات جو بنا ڪنهن آواز يا سڏ جي اٿي ٿو پوي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

رات جو يارهين وڳي کان هڪ وڳي تائين ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ

جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر روز رات جو يارهين وڳي کان هڪ وڳي تائين ننڊ مان سجاڳ ٿئي ٿو ته اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته ان جي جسم جو هڪ عضوو پِتو خراب آهي ۽ اهو صحيح نموني ڪم نٿو ڪري. انکانسواءِ توهان جي رت ۾ ڪوليسٽرول ليول به نارمل رينج کان وڌي چڪي آهي جنهن جي ڪري توهان ننڊ ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻن يا ٽن ڪلاڪن ۾ ئي جاڳي ٿا پئو. جڏهن ته توهان ڏينهن جي وقت ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ جو شڪار آهيو ۽ شرميلا به آهيو.

رات هڪ وڳي کان ٽي وڳي تائين جاڳڻ

رات جو اهو وقت جگر جي سرگرمي جو وقت هوندو آهي جيڪو جسم جي زهريلي مادن جي صفائي ڪري صحت کي بحال ڪندو آهي پر جيڪڏهن توهان ان وقت ننڊ مان جاڳي ٿا پئو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته توهان اهڙا کاڌا کائي رهيا آهيو جيڪي توهان جي جگر کي ڪم ڪرڻ کان روڪن ٿا ۽ انهن جي ڪم ڪار ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. خاص ڪري رات جو سمهڻ وقت ڪي شربت يا صحت لاءِ نقصانڪار کاڌا توهان کي ان وقت جاڳائيندا آهن.جيڪڏهن ائين روز ٿئي ٿو ته اهو توهان لاءِ نقصانڪار آهي توهان جي جگر کي خطرا آهن. اهڙي ماڻهن کي ڏينهن جو تڪڙ ۾ ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ مٿي جي سور سان گڏ جذبن ۾ بي ترتيبي جو به شڪار هوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي موڊ ۾ گهڙي گهڙي تبديلي ايندي آهي.

رات جو ٽئي کان پنجي وڳي تائين جاڳڻ

انساني جسم لاءِ اهو وقت ڦڦڙن جي ڪم ڪرڻ جو هوندو آهي هونئن ته ساهه کڻڻ وارو عمل سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات هلندو آهي پر ڪنهن به سبب جي ڪري توهان جي ننڊ هر روز ان وقت دوران ڦٽي ٿي ته اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته توهان جا ڦڦڙ صحيح نموني ڪم نٿا ڪن جنهن جي ڪري توهان کي ساهه ۾ محسوس نه ٿيندڙ منجهه ٿئي ٿي ۽ توهان جاڳي ٿا پئو. اهڙا ماڻهو ڏينهن جو سيني ۾ سور، منجهه ۽ اداسيءَ جو شڪار هوندا آهن انڪري اهڙي ماڻهن کي گهرجي ته ڪنهن ڊاڪٽر يا نفسيات جي ماهر سان رابطو ڪري باقاعدا طور علاج ڪرائين ان سان گڏ سگريٽ ۽ ڦڦڙن کي نقصان ڏيندڙ ٻين شين کان پاسو ڪن.

پنجين وڳي کان ستين وڳي تائين جاڳڻ

صبح جو اهو وقت انسان جي وڏي آنڊي جي ڪم ڪرڻ جو هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن جي روز ان وقت تي ئي ننڊ ڦٽي ٿي ته ان مان سمجهڻ گهرجي ته توهان جو وڏو آنڊو ڪنهن مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي ماڻهن کي پنهنجي کاڌي خوراڪ ۾ فائبر جي مقدار کي وڌائڻ گهرجي ته جيئن هاضمي جو عمل بهتر ٿي سگهي اهڙا ماڻهو سڄي ڏينهن ۾ به مايوس رهندا آهن.

چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي به روز ساڳئي ئي وقت تي ننڊ ڦٽي ٿي ته اهي ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪن ڇو ته پرسڪون ننڊ صحتمند جسم ۽ ذهن جي لاءِ تمام ضروري آهي ان جي ڪري ماڻهو پنهنجي سڄي ڏينهن جو ڪم ڪار ناهي ڪري سگهندو ۽ ان جي طبيعت خراب رهندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.