ڇا توهان کي به ننڊ ناهي ايندي؟ هنن ڳالهين تي عمل ڪيو

مناسب ننڊ هر انسان لاءِ تمام ضروري هوندي آهي، انسان جيتري گهٽ ننڊ ڪندو، ايتري ئي سندس صحت متاثر ٿيندي ۽ بيماريون پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو.

صحتمند رهڻ لاءِ رڳو سٺي خوراڪ نه پر ننڊ به تمام ضروري هجي ٿي، ننڊ جي کوٽ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري ٿي، دماغي ڪمزوري سان گڏوگڏ جسماني ڪمزوري ۽ ٻيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري ضروري آهي ته انسان مناسب ننڊ ڪري.

هن آرٽيڪل ذريعي اسان توهان کي ننڊ بهتر بڻائڻ جا ڪجهه مشورا ڏينداسين.

پنهنجي ڪمري ۾ اونداهي رکو

اها ڳالهه ڪيترن ئي مطالعن ۾ سامهون اچي چڪي آهي ته اونداهي ميلاٽونن هارمون ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، جيڪو اسان جي ننڊ لاءِ تمام ضروري آهي، توهان پنهنجي ننڊ کي بهتر بڻائڻ لاءِ آءِ ماسڪ جو استعمال به ڪري سگهو ٿا ته جيئن روشني توهان کي اکين ۾ نه لڳي.

مڪمل خاموشي

سٺي ننڊ لاءِ توهان کي پرسڪون ماحول جي ضرورت آهي، توهان پرسڪون ننڊ لاءِ ڪمري جو دَر بند ڪري سگهو ٿا ته جيئن ٻاهريون گوڙ توهان جي ڪَنن تائين نه پهچي سگهي، ان سان توهان کي سٺي ننڊ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

سٺو بسترو ٺاهيو

سٺي ننڊ لاءِ توهان هڪ وٽ سٺو بسترو ۽ سٺو وِهاڻو هجڻ به ضروري آهي، اهڙو وهاڻو رکو، جيڪو توهان کي آرام ڏئي، بسترو به اهڙو هجي، جنهن تي ليٽندي ئي توهان آرام محسوس ڪيو ۽ اکيون بند ڪندي ئي سمهي پئو.

جسم کي متحرڪ رکو

دماغ ۾ ايندڙ خيال ننڊ ۾ خلل وجهندا آهن، دماغ کي پرسڪون رکڻ لاءِ توهان يوگا ۽ ورزش ڪري سگهو ٿا، ڇو ته ڪيترين ئي تحقيقن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته يوگا يا ٻي ڪا ورزش ڪرڻ سان انسان جو ذهني دٻاءُ گهٽجندو آهي ۽ ننڊ لاءِ دماغ جو پرسڪون هجڻ تمام ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.