رمضان ۾ پي ايس ايل جا مقابلا ڪهڙي وقت شروع ٿيندا؟ تفصيل ڄاڻي وٺو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي ميچن جي شيڊيول اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، جيڪا رات 8 وڳي شروع ٿيندي.
جڏهن هڪ ڏينهن ۾ ٻه ميچون يعني ڊبل هيڊر هوندو ته ان ڏينهن پهرين ميچ منجهند 2 وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته نائيٽ ميچ شام 7 وڳي کيڏي ويندي.
ٻئي پاسي پي سي بي رمضان جي ڀلاري مهيني دوران ميچن جي ٽائمنگ جو به اعلان ڪيو آهي.
امڪان آهي ته رمضان 10 يا 11 مارچ کان شروع ٿيندو، تنهنڪري رمضان ۾ پي ايس ايل جون ميچون رات نائين وڳي شروع ٿينديون ته جيئن ڪرڪيٽرز سميت تماشائي نماز ادا ڪري اسٽيڊيم جو رخ ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.