ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو رمضان پيڪيج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رمضان پيڪيج منظور ڪري ورتو.

يوتيليٽي اسٽورز ذريعن موجب هن سال يوٽيليٽي اسٽورز تي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي رمضان پيڪيج جو فيصلو ٿيو آهي، گذريل سال يوٽيليٽي اسٽورز تي پنج ارب رپين جو رمضان پيڪيج منظور ڪيو ويو هو جڏهن ته هن سال اي سي سي 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رمضان پيڪيج منظور ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليتي اسٽورز تي رمضان رليف پيڪيج 4 مارچ کان شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته رليف پيڪيج 2024 چنڊ رات تائين لاڳو هوندو.

ذريعن موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي 19 بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي جن ۾ اٽو، کنڊ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانور ۽ داليون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.