انتظار جون گهريون ختم، پي ايس ايل 9 جو ميلو اڄ کان شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انتظار جون گهڙيون ختم، پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جو نائون ايڊيشن اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي.
اڄ پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي تقريب شام ساڍي 6 وڳي شروع ٿيندي جنهن ۾ مشهور راڳي علي ظفر، آئما بيگ، عارف لوهار ۽ نوري بينڊ پرفارم ڪندو.
افتتاحي تقريب آتشبازي ۽ ليزر شو جو به مظاهرو ڪيو ويندو.
ايونٽ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ 8 وڳي شروع ٿيندي.
ڇهن ٽيمن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ 34 ميچون لاهور، ڪراچي، راولپنڊي ۽ ملتان جي اسٽيڊيمز ۾ کيڏيو وينديون.
ڪراچي ۾ فائنل سميت ڪُل يارنهن، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ نوَ، نوَ جڏهن ته ملتان ۾ پنج ميچون شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.