ڏهرڪي ۾ هزارا ايڪسپريس جو مسافر ٽرين مان ڪري فوت

رونتي (رپورٽر شيراز احمد ) ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هزاره ايڪسپريس مان ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
پوليس موجب هزاره ايڪسپريس ٽرين پنجاب کان سنڌ وڃي رهي هئي ته ان جي هڪ مسافر ٽرين مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.
مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پر پوليس موجب سندس واسطو پنجاب سان آهي.
ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش سول اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.