پي ٽي آءِ جو سرپرائيز: آزاد اميدوار ڪنهن پارٽي ۾ ويندا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان واضح هدايتون جاري ڪيون آهن ته پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار ڪنهن پارٽي ۾ ويندا.

علي محمد خان ايڪس تي بيان ۾ لکيو ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات دوران واضح طور تي اهو ٻڌايو ويو ته ڪهڙي پارٽي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر وڃي سگهن ٿا ته جيئن تحريڪ انصاف جي عورتن جي سيٽن ۽ اقليتي سيٽن جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي خريد ۽ وڪري جي ڪڌي راند کان بچائي سگهجي.

هن لکيو ته ان حوالي سان سڀني کي اڄ پارٽي قيادت طرفان آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.