پ پ حڪومتي مامرن ۾ ن ليگ کان پنهنجو حصو گهري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ، پنجاب جي حڪومتي معاملن ۾ ن ليگ کان پنهنجو حصو گهري ورتو آهي.
ذريهن موجب، ن ليگ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ پنهنجا نمبر پورا ڪري ورتا آهن ۽ ن ليگ صوبي ۾ حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ ڪنهن ٻي پارٽي جي ڀائيواري نٿي چاهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ وفاق جيان پنجاب ۾ به وزارتون نٿي چاهي پر پنجاب جي حڪومت معاملن ۾ ڀرپور حصو چاهي جڏهن ته ن ليگ نٿي چاهي ته حڪومت معاملن ۾ ڪنهن کي حصو ڏنو وڃي.
ذريعن موجب، پ پ، پنجاب جي بيورو ڪريسي تائين پهچ چاهي ٿي ۽ پ پ جو موقف آهي هو پاليسي سازي ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ان کي پنجاب جي ترقياتي اسڪيمن ۾ حصو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.