چونڊ نتيجن کانپوءِ ڪو به اقتدار جو حقدار نه آهي: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فارم 47 سان ڪمپرومائز ڪرڻو پوندو تڏهن ئي حڪومت ٺهي سگهندي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هوته پنجون سال آهي، نه ڪيس هلي ٿو نه پتو پوي ٿو ته مون مٿان ڪهڙو الزام آهي؟ .
چونڊن بابت ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ انوکي اليڪشن ٿي جنهن تي گوگل به پريشان آهي ته نتيجو ڪهڙو آيو آهي، فارم 45 ۽ فارم 47 جو مسئلو آهي، فارم 47 وارو فاتح آهي، اِهو اليڪشن ڪميشن جو ڪمال آهي ته فارم 47 پهريان ئي ٺهي ويو هو.
هن چيو ته مون پهريان ئي چيو هو ته حالتون بهتر ٿيڻ کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، منهنجي ڳالهه صحيح ثابت ٿي ۽ سڀني ڏسي ورتو ته ڇا ٿيو آهي ۽ ڇا ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اهڙي ريت اوهان معاملا ٺيڪ نٿا ڪري سگهو، اڄ ڪو به اقتدار جو حقدار نه آهي، مسئلو ملڪ جو آهي ۽ سڀني کي ملڪ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي هڪ ناڪام اليڪشن آهي، هر ماڻهو اقتدار جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته مون کي اقتدار ملي، جيڪو جيترو ڪمپرومائز ڪندو اهو حڪومت ٺاهي وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.