مريدڪي ۾ ڪار ۽ مزدا ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر، 6 ڄڻا اجل جو شڪار

مريدڪي( ويب ڊيسڪ ) مريدڪي ۾ ڪار ۽ مزدا ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون.
مين جي ٽي روڊ تي ريانپورا ويجهو لاهور کان گوجرانوالا ويندڙ تيز رفتار ڪار ون وي جي ڀڃڪڙي ڪندي سامون ايندڙ مزدا ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.
خوفناڪ حادثي سبب گاڏي جو اڳيون حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو جڏهن ته مزدا جو اڳيون حصو گھڻو متاثر ٿيو، مزدا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون.
فوتين ۾ هڪ عورت، ٻه مرد ۽ ٽي ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمي عورتن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حادثي کانپوءِ پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.